عمر قاضي
پي ڊي ايم کان اڳ ۾ پيپلز پارٽيءَ مهانگائيءَ جي خلاف مظاهرا شروع ڪيا آهن. هونءَ ته اهو هڪ سٺو عمل آهي، جيڪڏهن احتجاج سان مهانگائيءَ جو ڪانٽو هيٺ ٿو اچي ته اهو هڪ عاليشان عمل آهي. پر محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي به احتجاج ٿي رهيا آهن، انهن ۾ غريب عوام جي لاءِ همدرديءَ جو عنصر گهٽ آهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم ۽ پ پ تي مشتمل مخالف ڌر وٽ مهانگائيءَ جي ٽوڙ جي بهتر پاليسي آهي ته هو اها لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان جيڪو به احتجاج ڪندا اهو تمام گهڻو ڪارآمد هوندو پر صرف “گو عمران گو” جو نعرو هڻڻ سان مهانگائي ختم نه ٿيندي. جيڪڏهن سڀاڻي مريم نواز ملڪ جي وزير اعظم بڻجي ٿي ته هن جي خلاف به تحريڪ انصاف وارا ساڳيو نعرو هڻندا، جيڪو هو ميان نواز شريف جي خلاف هڻندا رهيا هئا. گو مريم نواز يا گو نواز شريف يا گو زرداري يا گو عمران خان اسان جي مسئلن جا حل ناهن هر حڪمران پنهنجي دور جي حڪمرانيءَ کي تمام عاليشان چوندو رهيو آهي پر حقيقت اها رهي آهي ته ڪنهن کان به اهڙو ڪم نه ٿيو آهي، جنهن سان عوام جي ڪلهن تي پيل مهانگائيءَ جو بار ڪجهه گهٽ ٿي سگهي.
اقتصاديات هڪ پاليسي آهي. اها صرف هڪ طرفي پاليسي ناهي. اها گهڻ طرفي پاليسي آهي. ملڪ جي مٿان جيڪي به قرض چڙهيل آهن، انهن کي لاهڻ جو جيڪو فارمولا عمران خان چونڊن کان اڳ ۾ پيش ڪيو هو، اهو هو ته ميان نواز شريف ۽ زرداريءَ کان ۽ انهن جي ساٿين کان قومي ناڻي جي جيڪا لٽ مار ٿي آهي، اها ڀرائي ملڪ کي سڌي راهه تي آندو ويندو. جيڪڏهن هن مهل عمران خان کان پڇيو وڃي ته هن جي حڪمراني ڪندي ٽي سال پورا ٿي ويا آهن. جن ماڻهن ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو انهن کان هو ڪيترا پئسا واپس ڪرائي سگهيو آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي اعلان تي عمل نه ٿو ڪرائي سگهي ته اصولي ۽ اخلاقي طور تي هن کي حڪمراني ڪرڻ جو حق نه هجڻ گهرجي. پر مسئلو اهو آهي ته عمران خان نه صرف حڪمرانيءَ تان هٿ کڻڻ جي لاءِ تيار ناهي پر اهو ايندڙ مدي جو به اميدوار آهي. هو چوي ٿو ته هن کي پنج سال ٻيا گهرجن ته جيئن پنهنجي ايجنڊا کي مڪمل ڪري سگهي. ان جي ڪهڙي پڪ آهي ته هو ٻيو مدو پورو ڪري به ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي چاڙهيندو؟ جهڙي طرح هن وقت هن وٽ ناڪام ٿيڻ جي سلسلي ۾ دليل آهن، تهڙي طرح هن وٽ ان وقت به ڪجهه دليل ٿي سگهن ٿا. ڇا هي ملڪ صرف اهڙن حوالن تي هلندو؟ هن مهل تائين ته ملڪ کي اهڙي طرح سان هلايو ويو آهي، جهڙي طرح ملڪ جي عوام تي ڪو رحم نه کاڌو ويو هجي.
عوام جو هن مهل سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي ۽ مخالف ڌر به وڏي هوشياريءَ سان اهو اشو آخر ۾ کنيو. ڇو ته جيڪڏهن ابتدا ۾ حزب اختلاف اهو اشو کڻي ها ته هن کي اسٽيبلشمينٽ جي ڪاوڙ سهڻي پوي ها ۽ هن مهل مخالف ڌر جي ٻنهي پاسن تي ڪنهن ۾ به ڪاوڙ سهڻ جي قوت ڪونهي. عوام جي ڪاوڙ جو ته ڪنهن کي ڪو احساس ئي ناهي. سياستدانن کي معلوم آهي ته عوام ٻه گاريون ڏئي ماٺ ڪري ويهندو. جيڪڏهن پاڪستان جو عوام اهڙو هجي ها، جهڙو عوام احتساب وٺي سگهڻ جي سگهه رکندو آهي ته ڪنهن سياستدان ۾ عوام کي ٺڳڻ جي همت ئي نه هجي ها. پاڪستان جي عوام کي اهڙي طرح سان ٽريپ ڪيو ويو آهي جو هو صرف تماشائي بڻجي ويو آهي ۽ اهو به هو پنهنجي لٽجڻ جو تماشو ڏسي رهيو آهي. اها ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي ته عوام پنهنجي لٽ مار جو تماشو ڏسي ۽ ايترو بي وس بڻجي وڃي جو هو ان جي خلاف ردعمل جو اظهار نه ڪري. ڇو ته ردعمل جي صورت ۾ هن کي معلوم آهي ته عوام وٽ ڪا اهڙي سياسي قوت ڪونهي، جيڪا هن کي منظم رکي سگهي ۽ جيڪا هن کي ڪٺو رکي گڏ هلائي سگهي. عوام جي ان ڪمزوريءَ جو تمام گهڻو فائدو ورتو ويو آهي ۽ هن مهل تائين ان جو فائدو ورتو پيو وڃي. جيڪڏهن پاڪستان جو عوام پنهنجن حڪمرانن جو حساب ڪتاب رکندو هجي ها ته هن وقت تائين ان سان اهو ڪجهه نه ٿي سگهي ها.
پاڪستان جون جيڪي پارٽيون حزب اختلاف ۾ آهن، دراصل اهي به نه ٿيون چاهن ته عوام ۾ اهڙي قسم جي بيداري پيدا ٿي سگهي ۽ عوام حڪمرانن جو گريبان پڪڙڻ جي قوت جو مالڪ بڻجي وڃي. ان جو سبب اهو آهي ته پاڻ انهن سياستدانن کي به اهو خوف آهي ته جيڪڏهن ملڪي عوام ۾ ان قسم جي عادت پئجي وئي ته سڀاڻي انهن جو گريبان پڪڙڻ ۾ به دير نه ڪندا. ڇو ته مجموعي طور تي انهن جو ڪردار هڪجهڙو آهي. پاڪستان جي سياست لاءِ هميشه اهو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ته اها سياست ۽ خاص طور تي اقتداري سياست هڪ اهڙو حمام آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن جا حال هڪجهڙا آهن. پاڪستان ۾ عمران خان جي حوالي سان هڪ اميد پيدا ٿي هئي پر گذريل ٽن سالن کان وٺي عمران خان جي حڪومت سان جهڙي طرح بيروڪريسي کيڏندي رهي آهي، ان جو اهڙو حشر ڏسي هاڻي ته ڪنهن اميد کي سانڍڻ کان به خوف ٿي رهيو آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ اميدن جو حشر تمام گهڻو برو ٿيو آهي. ڇا عمران خان کي ان ڳالهه تي پشيماني نه ٿيڻ گهرجي ته هو جنهن شيخ رشيد کي پنهنجو پٽيوالو بڻائڻ جي لاءِ تيار نه هو، ان کي هڪ کان پوءِ ٻي وزارت ملي رهي آهي ۽ هو پنهنجي چرب زبانيءَ سان پنهنجي لاءِ هڪ طرح جو سازگار ماحول ٺاهي ويٺو آهي.
پاڪستان جي سياست جون ڪيتريون ئي بدقسمتيون آهن، انهن مان وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي ته اسان جا سياستدان ملڪ ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ڪا ڪوشش ڪو نه ٿا ڪن. ڪوشش مان مطلب اهو ناهي ته هو ميٽنگون نه ٿا ڪن پر ڪوشش مان مطلب اهو آهي ته هو صرف ميٽنگون ئي ڪندا رهجي وڃن ٿا. ميٽنگن کان سواءِ انهن کي ٻيو ڪجهه به نه ٿو اچي ۽ انهن کي خبر نه ٿي پوي ته بيوروڪريسيءَ جي سڀ کان وڏي چال اها هوندي آهي ته حڪمرانن کي اهڙن چڪرن ۾ ڦاسائي ڇڏين، جنهن مان هو ٻاهر نڪري نه سگهن ۽ انهن کي سدائين ان دوکي ۾ رکجي ته هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، جڏهن ته وقت گذرندو رهي ٿو ۽ ٺيڪ ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه به درست نه ٿو ٿئي. عوام ان انتظار ۾ رهي ٿو ته هن جي قسمت تبديل ٿيڻ واري آهي ۽ حڪمران کي اهو دوکو مليل هجي ٿو ته هو عوام جو هيرو بڻجي رهيو آهي. جڏهن ته هيٺان ان جا بنياد تمام گهڻا ڪمزور ڪيا وڃن ٿا. عمران خان سان به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي پر عمران خان کي هن مهل تائين اهو جو احساس ٿيندو نظر نه ٿو اچي. عمران خان سمجهي ٿو ته هو بيوروڪريسيءَ جي چرخي کي هلائي رهيو آهي پر اصل ۾ بيوروڪريسي هن کي هلائيندي رهي ٿي ۽ جڏهن وقت اچي ٿو تڏهن هن مان هٿ ڪڍي ۽ سمورن ڏوهن جو ذميوار هن کي قرار ڏئي، کيس قوم جي اکين ۾ ناڪام ثابت ڪيو وڃي ٿو. اهو بيروڪريسيءَ جو پسنديده کيل آهي ۽ ان کيل ۾ ڪڏهن انهن جو ٽارگيٽ نواز شريف هو ۽ اڄ انهن جو ٽارگيٽ عمران خان آهي ۽ سڀاڻي ٻيو هوندو.
ملڪي سياستدانن کي هاڻي ته هن ملڪ ۽ ملڪ جي عوام مٿان رحم ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هيءَ اهڙي سياست آهي، جنهن ۾ هو ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا پيا وڃن ۽ عوام غريب ٿيندو وڃي ٿو. انهن کي صرف هڪ ڪم اچي ٿو ته هو ڪهڙي طرح مال ڪمائي پنهنجا گهر ڀرين ۽ ان ڪم ۾ هو ماهر ٿي ويا آهن. انهن جي ايجنڊا تي غريب عوام آهي نه. ان ڪري غريب عوام جو ڪو به ساٿي يا ساٿاري سرڪار ته ڇا سياسي ڪيمپ ۾ به ڪونهي. جيڪي حڪمراني ڪري رهيا آهن، اهي به عوام جا ناهن ۽ جيڪي سياست ڪري رهيا آهن، اهي به عوام جا ناهن. عوام ملڪي سياست ۾ بنهه اڪيلو ۽ تنها آهي. هن جي تنهائيءَ کي ختم ڪرڻ ۽ هن جو ڀرجهلو ٿي بيهڻ وارو گهٽ ۾ گهٽ هن مهل تائين اقتداري سياست ۾ ته هڪ ناهي.