اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان عالمن جي ملاقات،فواد چوڌري ۽ طاهر اشرفي کي ٻاهر ڪڍيو ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڪالعدم تنظيم جي معاملي تي عالمن جي وفد جي وزيراعظم سان ٿيندڙ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.ذريعن موجب عالمن جي وفد سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مذهبي هم آهنگي بابت خاص نمائندي طاهر اشرفي جي موجودگي ۾ وزيراعظم سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم ٻنهي کي ڳالهين ۾ شريڪ نه ٿيڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ عالمن وزيراعظم کي چيو ته توهان کي صحيح حالتن کان آگاهه نه پيو ڪيو وڃي، حڪومتي شخصيتن جا بيان حالتون خراب ڪري رهيا آهن، ڳالهين لاءِ مڪمل اختيار ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button