اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان عالمن جي ملاقات،سعد رضوي کي آزاد ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان عالمن سان ملاقات ۾ ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي کي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته فرانس جي سفير کي ڪڍڻ اسان لا نقصانڪار هوندو. ان ڏس ۾ ڪالهه وزيراعظم عمران خان سان ٽي ايل پي جي احتجاج سبب پئدا ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان عالمن ملاقات ڪئي. ان دوران عالمن سعد رضوي کي آزاد ڪرڻ جي تجويز ڏني. جڏهن ته وزيراعظم ملاقات ۾ چيو ته سعد رضوي جا ڪيس عدالتن ۾ آهن، عدالتون سعد رضوي کي آزاد ڪنديون ته ڪو اعتراض ناهي، آئون غلط رواج نه وجهندس. هن چيو ته اڄ هن کي ڇڏيو ته سڀاڻي ڪنهن ٻي پارٽي جا ڪارڪن به روڊن تي اچي چوندا ته اسان جي ليڊر کي ڇڏيو. هن چيو ته ڪير مون کي بليڪ ميل نٿو ڪري سگهي، نه مان بليڪ ميل ٿيندس. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته فرانسيسي سفير کي ڪڍڻ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي ۽ کيس نٿا ڪڍي سگهون، فرانس سان ويڙهه عالمي سطح تي پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي. يورپي ملڪن ۾ پاڪستان جي ايڪسپورٽ 10 ارب ڊالر جي آهي. اهڙو مطالبو مڃڻ سان يورپي ملڪن جي مارڪيٽ پاڪستان لا بند ٿي ويندي. صنعتون ۽ فيڪٽريون بند ٿيڻ سان مهانگائي جو طوفان ايندو. ذريعن موجب عمران خان چيو ته پوليس کي سختي سان گولي هڻڻ کان روڪيو پر ٻئي پاسي کان گوليون هلايون ويون، پوليس اهلڪارن جي شهادت کانپوءِ فورس ۾ بدلي ٿي، جنهن سبب رينجرز کي حڪم ڏيڻو پيو، توهان ماڻهن کي سمجهايو ته رتوڇاڻ کان پاسو ڪن، کين سمجهايو ته نه پاڻ تشدد ڏانهن وڃن نه رياست کي وڃڻ ڏين، جائز مطالبا مڃڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪنداسين. هوڏانهن مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته جيڪي وزير چئي رهيا آهن وزيراعظم کي معاهدي جو علم نه هو، اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. عالمن جي ملاقات کانپوءِ نور الحق قادري وفد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موجوده صورتحال جي حل لاءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ڪالعدم تنظيم جي اڳواڻن ۽ حڪومت سان رابطا رکندي، عالمن مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته وزيراعظم کي ڪالعدم ٽي ايل پي سان معاهدن جو علم هو، جيڪي وزير چئي رهيا آهن ته وزيراعظم کي علم نه هو، اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، مون کي ڪهڙي طاقت جو مان وزيراعظم کي ٻڌائڻ بنا ڪو معاهدو ڪيان. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم هر بحران مان نڪرڻ ڄاڻي ٿو، وزيراعظم جي باڊي لينگويج ۾ سدائين سڪون هوندو آهي، هو پراميد آهي ته جلد ڪو رستو نڪرندو، رٽ جي بحالي لاءِ رياست جو پنهنجو موقف آهي، پوليس جي شهيدن سان گڏ آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button