غير درجه بندي

ٽي ايل پي جو ڌرڻو ۽ معاهدو

Article- Akhtar Hafeez

تحريڪ لبيڪ جي احتجاج کان پو پي ٽي آ کي رياستي رٽ ياد آئي آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني به ياد پئي اچي. اها ساڳي پي ٽي آ آهي، جنهن نواز شريف جي حڪومت خلاف لڳندڙ فيض آباد ڌرڻي جي نه رڳو حمايت ڪئي هئي پر پنهنجا ڪارڪن ان ڌرڻي ۾ شامل ڪرڻ تي راضي به ٿي هئي. ان کانسوا عمران خان نيازي پي ٽي آ کي طاهر القادري سان گڏ کڻي اسلام آباد ڌرڻو هڻڻ ويو هو. هن 126 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو. ملڪ ۾ سڀ ڪجهه مفلوج ٿي ويو ۽ ماڻهو پريشانين کي منهن ڏيندا رهيا. پر اهو ڌرڻو جائز هو. ان زماني ۾ نواز شريف چيو هو ته ڌرڻن جي سياست بند ڪريو. ظاهر آهي پي ٽي آ اهو ڌرڻو پنهنجو پاڻ ڪونه هنيو هو پر ان وقت کيس اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت حاصل هئي، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هو ڪنٽينر تي بيهي هر شهر لا ڪا تاريخ ڏئي ائين نه چوي ها ته آئون فلاڻي تاريخ تي فلاڻو شهر بند ڪندس. پر سياسي طور عمران خان نيازي لا هي ڌرڻو مڪافات عمل آهي. جيڪڏهن ڌرڻن جي سياست کي جائز قرار ڏيندڙ عمران خان نيازي اڄ ڌرڻن کي خراب سمجهي ٿو ته ڪالهه هو غلط هو يا وري اڄ غلط آهي. ڇاڪاڻ ته ائين نٿو ٿي سگهي ته پي ٽي آ ڪنهن حڪومت خلاف ڌرڻو هڻي ته اهو قانوني ۽ آئيني آهي پر جيڪڏهن پي ٽي آ خلاف ڪا پارٽي ڌرڻو هڻي ته اهو غيرآئيني ۽ غير قانوني آهي.
ملڪ ۾ جڏهن به ڪنهن سياسي پارٽي کي دٻا ۾ آڻڻو هوندو آهي ته مذهبي جماعتون ميدان ۾ اچي وينديون آهن. گذريل پنجن سالن کان ملڪ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان هڪ اهڙي مذهبي جماعت طور سامهون آئي آهي، جيڪا نه رڳو پنهنجي مزاج ۾ انتهاپسند آهي پر اها مختلف وقتن تي استعمال به ٿيندي رهي آهي. ان وٽ پنهنجن ڪارڪنن جو وڏو انگ آهي، جيڪي جتي به چاهين شهرن جا رستا بند ڪري سگهن ٿا. ماڻهن توڙي گاڏين جي اچ وڃ کي روڪي سگهن ٿا. اهي رياستي ادارن تي دٻا وجهي پنهنجا مطالبا مڃرائي سگهن ٿا پر وري به سوال اهو آهي ته ملڪي سياست ۾ مذهبي ڪارڊ کي آخر ڪيستائين استعمال ڪيو ويندو. هونئن ته پي ٽي آ ۾ به ڪئين ڪٽر مذهبي ماڻهو شامل آهن ۽ پي ٽي آ پاڻ به اهڙن موقعن مان فائدو وٺندي رهي آهي. هاڻ جڏهن اها ان جماعت جو شڪار ٿي آهي ته کيس اندازو ٿي ويو هوندو ته مذهبي ڪارڊ کي استعمال ڪرڻ ڪيترو خطرناڪ هوندو آهي.
هيترا ڏينهن اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ زندگي مفلوج رهڻ کان پو ڪالهه حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ معاهدو ٿيو آهي. جنهن ۾ هڪ ٻي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. جنهن کي مفتي منيب اسلام جي فتح قرار ڏنو آهي. معاهدي جا تفصيل مناسب وقت تي سامهون آندا ويندا، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معاهدي جا مثبت نتيجا به سامهون اچي ويندا.
هن ٻڌايو ان معاهدي موجب هڪ اسٽيرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهي پارلياماني مامرن وارو وزير علي محمد خان ڪندو، جڏهن ته پنجاب واري قانون جو گهرو سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري داخلا پنجاب ڪميٽي جا ميمبر هوندا، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاران مفتي غلام غوث بغدادي ۽ حافظ الله علوي ان ڪميٽي جا ميمبر هوندا، ڪميٽي ڪالهه ئي فعال ٿي وئي هئي ۽ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.
مفتي منيب الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو معاهدو ان قسم جو ناهي جو منجهند جو صحيح ٿئي ۽ شام جو چيو وڃي ته ان معاهدي جي ڪا حيثيت ڪانهي. جن ماڻهن به معاهدي لا مثبت اپا ورتا انهن جو ٿورائتو آهيان.
تحريڪ لبيڪ جا ٻه اهم ترين مطالبا هئا، هڪ: فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ ٻيو: سعد رضوي کي آزاد ڪيو وڃي. حڪومت ٻنهي مطالبن کي مڃڻ کان نابري واري ڇڏي. پاڪستان هن وقت اهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي، جتي هڪ پاسي پي ٽي آ جا نا اهل حڪمران آهن ته ٻئي پاسي عالمي سطح تي سياسي اڪيلائي آهي ۽ ٽين پاسي وري ملڪ جي بدحال معيشت آهي، جنهن عوام کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ڪوبه سياسي ايڊوينچر ڪرڻ لا تيار ناهي. حڪومت ته اها دعوى پئي ڪري ته فرانس جو سفير ملڪ ۾ ناهي پر جيڪڏهن هو هجي به سهي ته ڇا حڪومت ان کي ڪڍي سگهي ٿي. سڀاڻي ان جو ردعمل رڳو فرانس پاران نه ايندو پر سڄي يورپ مان اچي سگهي ٿو ۽ جيڪي سفير پاڪستان جا ٻين ملڪن ۾ آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
جڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ مذهب کي سياسي رنگ ڏئي پيش ڪيو وڃي ۽ پابندي مڙهيل تنظيم چونڊون وڙهي، ان کانسوا اها جيڪو مطالبو مڃرائڻ چاهي مڃرائي وٺي ته پو حڪومت جي رٽ اتي ڪمزور نظر ايندي آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ مذهبي جماعتن کي ايترو ته سياسي اسپيس مليل آهي جو اهي هر دور جي حڪومت تي اثرانداز ٿينديون رهيون آهن. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ به اهڙو ڪجهه ٿيو هو. ان کانپو جيڪي ڪجهه ٿيو، ان کان اسين سڀ واقف آهيون. ان ڪري اڄ جڏهن تحريڪ لبيڪ ميدان ۾ آهي ته ان کي وقت جي حڪومت غلط ان ڪري قرار ڏئي رهي آهي جو اها پاڻ اپوزيشن ۾ ناهي. جيڪڏهن پي ٽي آ هن وقت اقتدار ۾ نه هجي ها ۽ اها اپوزيشن جماعت هجي ها ته اها نه رڳو تحريڪ لبيڪ سان گڏ هجي ها پر ان جا ڪارڪن شهرن کي بند ڪرائڻ ۽ ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۾ پيش پيش هجن ها.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان جيڪو تماشو ملڪ ۾ جاري رهيو، ان ۾ پي ٽي آ جا پنهنجا وزير ئي پريشان نظر آيا. ڪو وزير هڪڙو بيان ڏئي رهيو هو ته ٻيو چئي رهيو هو ته نه ائين ناهي اصل ڳالهه هي آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ته صحافين جي سوالن تي به چڙي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته معاملو ايترو سادو نه هو، جيترو عمران خان نيازي سمجهيو پئي. وزير اعظم ته ان کي بليڪ ميلنگ سڏيو آهي، بلڪل ائين جيئن هزاره واسين پنهنجن پيارن جا لاش کڻي احتجاج پئي ڪيو ۽ انتظار ڪندا رهيا ته وزير اعظم انهن کي آٿت ڏيڻ لا اچي ته هن چيو اهي کيس بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. وزير اعظم جو چوڻ آهي ته کيس ڪوبه بليڪ ميل نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ “ڪمپني بهادر” وٽ هن کان سوا ڪا ٻي چوائس ناهي.
ملڪي حالتن کي ڏسندي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آ حڪومت نه رڳو پنهنجون سموريون همدريون عوام ۾ وڃائي ويٺي آهي پر اها وائکي به ٿي چڪي آهي. ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن پي ڊي ايم ۽ اپوزيشن پارٽين ايمانداري سان حڪومت خلاف ڪا سياسي هلچل هلائي ته پي ٽي آ حڪومت لا وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. ان کان پو خبر پوندي ته عمران خان وٽ ڪهڙي چوائس آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button