رانديون

2 وڏا ايونٽ ۽ بئٽنگ ناڪام، سليڪشن ڪهڙي ڪجي؟ جلد اعلان ٿيڻ جو امڪان

انگلينڊ ٽيم خلاف 20 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ 7 ٽي ٽوئنٽي مئچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ جو اعلان ڏينهن ٻن اندر ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ به حتمي اسڪواڊ جا نالا ڏيڻ جي آخري تاريخ اڄ ختم ٿي ويندي. ذريعن موجب انگلينڊ خلاف هوم سيريز ۽ ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو اعلان به هڪ ئي ڏينهن ڪرڻ تي غور ويچار هلي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ورلڊڪپ اسڪواڊ جي اعلان جي آخري تاريخ 15 سيپٽمبر آهي ۽ تاريخ ۾ واڌ لاءِ آءِ سي سي سان اڃا تائين ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو. ايشياڪپ ۾ بئٽنگ لائين ۽ خاص طور تي مڊل آرڊر جي ناڪامي بعد سليڪشن ڪميٽي انگلينڊ خلاف هوم سيريز ۽ ورلڊڪپ لاءِ رانديگرن جي چونڊ جي حوالي سان ٻڏتر جو شڪار آهي. سليڪشن ڪميٽي طرفان بيٽنگ لائين جي جوڙجڪ ۾ تبديلين ۽ اسڪواڊ ۾ 2 وڪيٽ ڪيپر شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. فاسٽ بالر شاهين آفريدي به اڃا تائين بحالي واري عمل مان گذري رهيو آهي، تنهن ڪري سندس دستيابي جي في الحال ڪا پڪ ناهي. ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هلندڙ سال 16 آڪٽوبر کان آسٽريليا ۾ کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button