رانديون

انگلينڊ جي ٽيم 17 سالن بعد پاڪستان پهچي وئي، ڪمنٽري پينل جو اعلان

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن بعد سيريز کيڏڻ خاطر پاڪستان پهچي وئي آهي، جنهن جي ڪمنٽري پينل جو بھ اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ ستن ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز کيڏڻ جي ڏس ۾ ڪپتان جوز بٽلر جي اڳواڻي ۾ انگلش ٽيم جو 19 رڪني اسڪواڊ ڪراچي پهتو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ دبئي رستي ڪراچي پهچندڙ انگلش ٽيم جي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي بندوبس ڪيا ويا هئا، جنهن دوران رانديگرن کي سندن رهائش واري هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. مهمان ٽيم پهرين ميچ 20 سيپٽمبر تي کيڏندي، 22، 23 ۽ 25 سيپٽمبر واريون ميچون ڪراچي ۾ ٿينديون. جڏهن تھ، 30 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي رٿيل ميچون لاهور ۾ کيڏيون وينديون. هوڏانهن پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون پريڪٽس سڀاڻي کان ڪنديون. ٻئي پاسي پي سي بي سيريز جي حوالي سان ڪمنٽري پينل جو بھ اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ وسيم اڪرم، عروج ممتاز، وقار يونس، بازيد خان، زينب عباس ۽ عامر سهيل شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button