ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

-Iاين جي اوز تي اٿاريل سوال ۽ ڪجھه حقيقتون!

نور محمد بجير
سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پو سماجي ترقي جي فارمولا ۽ طريقيڪار ۾ تبديلي آئي، اھا ڳالهھ ته بلڪل مناسب ۽ صحيح ھئي ته عوام پنھنجا فيصلا پاڻ ڪري ۽ عوام کان وڌيڪ پنھنجن مسئلن کي سمجهندڙ ۽ حل ڪرڻ جي لا ڪوششون ڪندڙ ٻيو ڪير ٿي به نٿو سگهي، انھي ڪري سياسي انقلاب کي ھڪ پاسي رکي سماجي ترقي جا بڻ بنياد ڳولجن ۽ عوام کي پنھنجن پيرن ٿي بيھارجي.
کاٻي ڌر جا ڪامريڊ جيڪي انقلاب کان مايوس ٿيل ھئا سي ٽڙي پکڙي ويا، ڪجھه ماڻھن صحافت کي مورچو ٺاھيو ۽ ڪجھه وري اين جي اوز جي ٻيڙي ۾ سوار ٿيا. اھو زمانو 80 وارو ڏھاڪو ھو ۽ ھاڻي گهڻي ڀاڱي اھي ڪامريڊ جهونا ٿي گهر ڀيڙا ٿي ويا آھن يا وري ٻئي ڪنھن پاسي ويا ھليا. اين جي اوز جي ڪمن ۾ به وقت سان گڏ تبديلي آئي آھي، اڄ اھا ايپروچ نه رھي آھي جيڪا 80 يا 90 واري ڏھاڪي ۾ ھئي.
اين جي اوز ۾ خيراتي ادارا، سماجي خدمتون سرانجام ڏيندڙ، حقن جي ڳالهھ ڪندڙ، تحقيق ڪندڙ، ڪنھن ھڪ پھلو تي مھارت رکندڙ، نوجوانن جي ترقي لا نوجوانن جي اڳواڻي ۾ ھلندڙ، عورتن جي ترقي جي لا عورتن جي اڳواڻي ۾ ھلندڙ، ڪميونٽي سطح، علائقائي سطح، قومي سطح تي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪم ڪندڙ ادارا شامل ھوندا آھن.
اھا ڳالھه سمجهڻ جھڙي آھي ته ھر اين جي او وٽ ھڪ مخصوص مھارت، ڪم ڪرڻ جو دائرو ۽ مينڊيٽ ھوندو آھي. اسان ھر تنظيم مان اھا اميد نٿا رکي سگهون ته اھي غريب ماڻھن ۾ مفت ڪپڙا ۽ ڪتاب ورھائي. اھڙي قسم جو ڪم چئرٽي يا فلاحي تنظيمون ڪري سگهن ٿيون، جيڪي چندو گڏ ڪري مفت ۽ خير جا ڪم ڪنديون آھن. مثال طور ايڌي، سيلاني ۽ انصار برني وغيره. سروس ڊليوري وارو ڪم يعني نلڪو لڳائڻ، اسپتال، اسڪول ھلائڻ، ھارين کي ٻج ۽ ڀاڻ ڏيڻ وغيره جو ڪم ڪندڙ ادارا به موجود آھن. انھي ڪم ۾ انھن جي مھارت آھي. ڪجھه ادارا وري عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ غريب طبقي جي معاشي ۽ سماجي ترقي جي لا تربيت ڏئي روزگار جي لا مدد ڪن ٿا. ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو ۽ مھارت به ڪجھه مخصوص ادارا رکن ٿا. قرض ڏيڻ ۽ قسطون واپس وٺڻ جو ڪم ھر تنظيم نٿي ڪري. پاڪستان ۾ چند اين جي اوز آھن جن جو ڪم تحقيق تي آھي، اھي تنظيمون ٻيا ترقياتي ڪم گهٽ ڪنديون آھن.
90 واري ڏھاڪي ۾ جڏھن فنڊنگ جو رجحان وڌيو ته ڪافي جعلي ۽ موقع پرست ماڻھن فنڊ حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ جي نيت سان تنظيمون ٺاھيون، ڪجھه رٽائرڊ سرڪاري عملدار ھئا جن اھو سمجهي ورتو ھو ته اين جي او ٺاھي سٺو فنڊ حاصل ڪري سگهجي ٿو، انھي ڪري تنظيمون رجسٽرڊ ٿيون جن کي اسان گونگو يعني گورنمينٽ سپورٽيڊ اين جي اوز چوندا ھئاسين. انھن تنظيمن پنھنجن ادارن جي وڏين پوسٽن تي به رٽائرڊ آفيسر رکيا جيئن حڪومتي ادارن کان بہ منصوبا حاصل ڪري سگهجن. پاڪستان ۾ ڪجھه اين جي اوز صوبائي توڙي وفاقي سرڪار جي سرپرستي يا سھڪار سان ھلن ٿيون، پاڪستان ۾ اين جي اوز کي ملندڙ فنڊنگ جو تقريبن 90 سيڪڙو کان وڌيڪ فنڊ استعمال ڪن ٿيون. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ اين جي اوز کي ملندڙ ڪل فنڊنگ جو غيرملڪي تنظيمن کي 97 في صد ملي ٿو، جڏھن ته مقامي تنظيمن کي صرف 3 في صد فنڊ ملي ٿو.
مٿئين صورتحال ۾ اين جي اوز تي ھيٺيان سوال اٿندا رھيا آھن.

  1. وڏيون گاڏيون ۽ ڳريون پگهارون. عام ماڻھو جي نظر ۾ بين الاقوامي تنظيم، يو اين جي ڪا تنظيم ۽ مقامي تنظيم سڀئي اين جي اوز آھن. يو اين جي ٽرانسپورٽ جو پنھنجو ھڪ اسٽائيل آھي، وڏي ڏنڊي سان ھڪ وڏي پيجرو ٽائيپ گاڏي روڊ تي نڪري ٿي ته ھر ڪو چوي ٿو ته ڪنھن اين جي او جي گاڏي آھي. اھڙي طريقي سان ڪنھن بين الاقوامي اداري جو اسٽاف ھيٺ فيلڊ ۾ نڪري ٿو ته وڏي سيڪيورٽي پروٽوڪول سان نڪري ٿو يا ڪا قدرتي آفتن ۾ رليف جي ڪم دوران فور ويل گاڏي ويگو استعمال ڪري ٿو ته اھا پڻ اين جي اوز جي کاتي ۾ لکجي ٿي. بين الاقوامي ادارا جڏھن ڪم ختم ٿيندو آھي يا ڪنھن ملڪ مان پنھنجو ڪم ختم ڪري واپس ويندا آھن ته گاڏيون ۽ فرنيچر وغيرہ مقامي تنظيمن کي مفت ۾ ڏئي ويندا آھن، جيئن انھن کي فيلڊ جي ڪم ۾ آساني ٿئي. اھڙي قسم جي عنايت به پاڪستان ۾ تمام ٿورين مقامي تنظيمن کي ٿئي ٿي پر اھڙيون گاڏيون استعمال ٿين ٿيون ته عوام جي لا سڀ اين جي اوز ھڪجھڙيون آھن. رھي ڳالهھ پگهارن جي ته ٻاھرئين ملڪ جا ادارا جڏھن پاڪستان ۾ ڪم ڪن ٿا ته جيڪي مقامي ماڻھو ڀرتي ڪن ٿا انھن کي پنھنجي ملڪ جي سپورٽ اسٽاف جي برابر به پگهار ڏين ته اھا لکن ۾ ٿي ھجي. انھي ڪري غير ملڪي ادارن کي ڪجھه اجرت جا معيار رکڻا پون ٿا. اھا ڳالھه حيرت جهڙي آھي ته ھڪ غير ملڪي جيڪو ھڪ مقامي پروفيشنل کان صلاحيتن ۾ ڪنھن به حوالي سان وڌيڪ ناھي پر اھو ھتي ڪم ڪندي پاڪستاني ماڻھو جي پگهار کان 5 دفعا وڌيڪ پگهار ٿو کڻي ۽ پگهار کان سوا رھائش، کاڌو پيتو وغيرہ اداري جي ذميواري ھوندي آھي. مقامي ماڻھو جڏھن غير ملڪي ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا ته انھي کي پنھنجي مارڪيٽ جي خبر پوي ٿي ۽ پو اھي جڏھن ڪنھن مقامي اداري ۾ ڪم ڪرڻ لا راضي ٿين ٿا ته انھن جي پگهار جي ڊمانڊ پڻ مارڪيٽ مطابق ھوندي آھي. ھڪ مقامي ادارو بين الاقوامي اداري جي پگهار ۽ مراعتون اوتريون ته نه ڏئي سگهندو آھي پر پو به چـڱي خاصي آفر ڪرڻي پوندي آھي. اين جي اوز جي نوڪري عارضي ۽ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ھوندي آھي انھي ڪري ھڪ ته ڪم جو لوڊ گهڻو ھوندو آھي ٻيو وري ڪارڪردگي جي جائزي جو مضبوط نظام ھوندو آھي انھي ڪري ڪم ڪندڙ کي پنھنجي پگهار گهڻي ھوندي به ٿوري محسوس ٿيندي آھي.
  2. عورتن کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا: اھو عام تاثر آھي ته اين جي اوز وارا عورتن کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا، نوڪريون به ڏين ٿا ۽ عورتن جي حقن جي ڳالهھ ڪن ٿا. انھي تاثر کي مثبت سمجهون ته بلڪل ٺيڪ آھي، ڪرڻ به ايئن کپي ۽ ضرورت به انھي ڳالھه جي آھي ته عورتن جي ترقي جي لا ڪي خاص پروگرام ترتيب ڏجن. پر ڏسڻو اھو آھي ته معاشري ۾ اين جي اوز جي لا عورتن جي حوالي سان جيڪو منفي تاثر ڏنو ويو آھي ان جا سبب ڪھڙا آھن. منھنجي نظر ۾ ھڪ فطري سبب اھو آھي ته ھي معاشرو مردن جو معاشرو آھي ۽ زندگي جو ڪاروھنوار ھڪڙي مخصوص سمت ۾ مردن جي مرضي مطابق صدين کان ھلي رھيو ھو انھي مروج سوچ ۽ طريقي ڪار کان ٿوري به ھٽيل يا نئين ڳالهھ ھوندي ته اھا انوکي لڳندي ۽ انھي جو ردعمل ايندو. غيرسرڪاري ادارا سماجي ترقي جي ڳالهھ ڪن ٿا ته انھن کي سماج ۾ ھڪ وڏو صنفي فرق نظر اچي ٿو ۽ انھي فرق کي گهٽائڻ کان سوا ترقياتي عمل اڻپورو آھي. مثال طور ھڪ ڇوڪري جي پرورش، تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا ڪمي اچي ٿي ته انھي جو اثر پوري نسل تي پوي ٿو انھي ڪري جيڪڏهن ھڪ گهر ۾ ڊگهي عرصي جي لا ڪا خوشحالي آڻڻي آھي ته جيڪا کوٽ آھي ان کي پورو ڪرڻو پوندو يعني ڇوڪرين ۽ عورتن جي سجاڳي ۽ ترقي جي لا رٿائون آڻڻيون پونديون ۽ انھي ڪم جي لا به عورتون ئي ڪارگر ثابت ٿي سگھن ٿيون، انھي سبب جي ڪري ھر منصوبي ۾ عورت اسٽاف کي ترجيح ڏني ويندي آھي.
  3. ٻاھرين ملڪن جا دورا ٿا ڪن: انٽرنيشنل ادارا جڏھن ڪنھن ملڪ ۾ ڪم ڪندا آھن ته اتان جي ادارن ۽ ماڻھن جي صلاحيتن جي پرک ۽ جائزو وٺندا آھن. وڏي رقم خرچ ڪرڻ کان پو جيڪڏهن گهربل نتيجا خاطر خواہه نه ڏسندا آھن ته انھي جا سبب ٻين سببن سان گڏ مقامي ادارا ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن جي صلاحيتن ۾ ڪمي ۾ ڳوليندا آھن. صلاحيتون وڌائڻ جي لا پاڻ کي ذميدار سمجھندي تربيت جا موقعا فراھم ڪندا آھن. تربيتي ڪورس ملڪي سطح تي به ھوندا آھن ته انٽرنيشنل سطح تي به ھوندا آھن. انٽرنيشنل سطح تي تربيتي ڪورس جو فائدو اھو ھوندو آھي ته مختلف ملڪن جا پروفيشنلس ھڪٻئي ۾ پنھنجا تجربا ونڊيندا آھن ۽ ٻين ملڪن ۾ ھلندڙ ڪمن کي اکين سان ڏسڻ جو به موقعو ملندو آھي. اھا به حقيقت آھي ته ڪلاس روم ۾ سکڻ کان وڌيڪ فيلڊ ورڪ ۾ ٿيل ڪم مان ماڻھو سکي ٿو. انھي سببن جي ڪري انٽرنيشنل ادارا پروفيشنلس کي ٻئي ملڪ وڃڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو فراھم ڪندا آھن. ھڪ ترقياتي ڪارڪن جي سوچ ۾ جيستائين وسعت نه ايندي ۽ عالمي مسئلن جي سببن ۽ انھن جي اثرن کي جيستائين نه سمجهندو تيستائين صحيح معنيٰ ۾ حالتن جو تجزيو ۽ رٿابندي نه ڪري سگهندو. سرڪاري ڪامورا به ٻاھرين ملڪن جي تربيتي ڪورسز ۾ شامل ٿيندا آھن ۽ عالمي مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
    (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button