سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استاد جو بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ ماهوٽا واسي پرائمري استاد اعجاز ڀٽي پنهنجي مائٽن بخشل ڀٽي، سانول ڀٽي ۽ ربنواز ڀٽي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان سالن کان وٺي ڳوٺ ماهوٽا ۾ رهون پيا. ڳوٺ جا بااثر بيگناهه لڏائڻ لاءِ اسان جي 2800 فوٽ پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. 27 آڪٽوبر تي مان پٽ سعيد احمد، ڀائيٽو سلمان ۽ ٻيا گهرڀاتي گهر ۾ هئاسين ته ارشاد ماهوٽو، ارباب علي، عرفان علي، وسيم، نوشاد، فرمان، ڪاشف، فهد، حاڪم، گل، ابرار، ارشد، پٺاڻ سميت ٻن اڻسڃاتل هٿياربندن تشدد ڪري گهرن جي ڀڃ ڊاهه ڪري ڌمڪيون ڏنيون. اسان ماهوٽا ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايڇ او رفيق مغيري بلاول ڀٽو جي ڊيوٽي جو چئي ڪيس داخل نه ڪيو، اسان ايس ايس پي کي به دانهن ڏيڻ باوجود ڪو تدارڪ نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button