سنڌ

ڏوڪري واسي پيرسن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ڪريم ڏنو کونهارو واسي پيرسن قربان کونهارو کي سندس وارثن ۽ بخار سبب چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ تي پيرسن جي جسم تي ڪارا نشان ٿي ويا. ان حوالي سان بيمار پيرسن قربان کونهارو الزام لڳايو ته چار ڏينهن اڳ مون کي بخار سبب چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن غلط انجيڪشن لڳائي جنهن ڪري منهنجي جسم تي ڪارن داغن جا نشان ٿي ويا آهن ۽ وڌيڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو خدشو آهي. هن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button