سنڌ

وارهه ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

وارهه ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ۾ شريڪ ضلعي اڳواڻ اڪبر خاصخيلي، معشوق مرکنڊ، عنايت تنيو ۽ ٻين وارهه شهر ۾ پيدا ٿيل بدامني، ڦر ۽ موٽر سائيڪل چورين خلاف سخت نعري بازي ڪندي ايس ايس پي قمبر کان گهر ڪئي ته ڳچ عرصو کان وارهه اندر چاٻي چورن مختلف وارداتون ڪري درجن موٽر سائيڪلون چورايون آهن، ان خلاف پوليس ڪو تحرڪ ناهي وٺي سگهي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته شهر مان چوري ٿيل موٽر سائيڪلن جي فوري طور واپسي ڪرائي شهر ۾ امن بحال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button