
لاڙڪاڻي ۾ پراڻو پاڪستان بچايو تحريڪ پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، بک بدحالي، پيٽرول جي قيمتن واڌ ۽ وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سجاد حسين سومرو ۽ ٻين چيو ته ملڪ هلائڻ بالر ۽ بالر کي اقتدار تان لاهڻ لٽيرن جي وس جي ڳالهه ناهي، قدرتي ذخيرن سان مالامال ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ته ٻئي طرف سياستدان اقتدار لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن. هنن چيو ته پيٽرول قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي جو طوفان آهي ۽ غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن بک، بدحالي ۽ بيروزگاري عام ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، وفاق جي غلط پاليسين سبب ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي ٿي پيو آهي، تبديلي ۽ نئين پاڪستان جو نعرو هڻندڙ اڄ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن. مطالبو ٿا ڪريون ته مهانگائي، بيروزگاري جو خاتمو ڪري ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو وڃي.