سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوارن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ 12 سال اڳ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. اميدوارن عرفان جهتيال، علي ڏنو گاد، امجد بليدي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ سال 2009ع دوران سنڌ يونيورسٽي نگرانيءَ هيٺ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ لکت ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ اسان 60 کان 85 مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر سازش تحت اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ رکي 5 ڀيرا لسٽون تبديل ڪري 15 لک عيوض جعلي ڊگرين، فيل اميدوارن ۽ گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آرڊر جاري ڪيا ويا. اهڙا ثبوت موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button