ڀارت جي اي ٽيم 113 رنسن تان نيوزيلينڊ اي کي شڪست ڏئي چئن ڏينهن واري ٽين ٽيسٽ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق بينگلور ۾ کيڏيل ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي ڀارتي بالر سورڀ ڪمار 5 وڪيٽون وٺي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ ڀارت اي 7 وڪيٽن تي 359 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري 415 رنسن جون هدف ڏنو، جنهن کي ماڻڻ جي ڪوشش ۾ نيوزيلينڊ اي 302 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت جي رجت سينچري ٺاهي پاڻ مڃايو. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي جو ڪارٽر بھ 111 رنسن جي اننگز کيڏي پر اهي ڪم نھ اچي سگهيون. هن ٽيسٽ ۾ ڀارت اي 293، 259 ۽ نيوزيلينڊ اي 237، 302 جون اننگز کيڏيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close