انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن جي وڏي عرصي بعد پاڪستان ۾ سڀاڻي پهرين ميچ کيڏي، جيڪا ٽي 20 فارميٽ جي آهي. جڏهن تھ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي مينيجمينٽ توڙي ڪپتانن ۽ ڪوچز پنهنجي پنهنجي طور تي حڪمت عمليون پڻ تيار ڪري ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ رٿيل پهرين ٽي 20 ميچ کان اڳ ٻنهي ملڪن جي رانديگرن پريڪٽس جا ڀرپور سيشن ڪري ورتا آهن. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم جي مينيجمينٽ اوپننگ ڪپتان بابراعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کان نھ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن بعد نئين جوڙي تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي تھ محمد رضوان کي آرام ڏيارڻ واري تجويز سامهون آئي، جنهن بعد شان مسعود، حيدر علي يا حارث کي اوپننگ ڏيڻ جو امڪان چٽو ٿيندو پيو وڃي. ٻئي پاسي انگلينڊ بھ پي ايس ايل کيڏندڙ رانديگرن تي وڌيڪ ڀاڙڻ جي رٿا جوڙي ورتي، جنهن بابت ٽيم جي ڪوچ ميٿيو موٽ ۽ ڪپتان جوز بٽلر بھ پاڻ ۾ مشورا ڪيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close