![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/02/Javed-Panhar-1.jpg)
هر اُسريل مُلڪ جو انفرا اسٽرڪچر تعليم يافته ۽ ذهين صلاحيتن سان ٽمٽار ذهنن سان ئي جُڙندو آهي. ماضي ۾ دنيا جا تباهه ٿيل يا پوئتي پيل مُلڪ چين، بنگلاديش، انڊيا، روس، ڪوريا، برطانيا، جاپان ۽ ٻيا ڪيترائي مُلڪ آهن، جِن تاريخ ۾ گهڻو ڪُجهه وڃايو ۽ ان وڃائڻ واري قوت کين هڪ جذبو بخشيو. هڪ جنون ۽ اهڙو پَڇتاءُ ته ايندڙ وقت ۾ ماضي ۾ ڪيل غَلطين مان نه فقط سکڻو آهي پَر اهڙي قسم جون غَلطيون ٻيهر ورجائڻ جو سوچڻو به ناهي، جنهن سان قوم کي هاڃو رسي.
سرد جنگ، گهرو لڙايون، مذهبي انتهاپسندي، روس يوڪرين جو تازو وڌندڙ تڪرار، افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊگهي عرصي واري ويڙهه جا سڌا سنوان اثر پاڪستان ۽ سنڌ تي ضرور پوندا آيا آهن. پَر سوال اُهو آهي ته پاڻ ڪهڙيون حڪمت عمليون جوڙي بُحرانن کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻيا آهيون؟
هڪ قوم جي حيثيت سان سنڌ ۾ جياپي ۽ شاهوڪار سماج اڏڻ جا سمورا عنصر ۽ وسيلا موجود آهن. بس ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته شعوري طور ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي پيداوار جي وارثي ڪن ۽ اُنهن وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن ۾ ملوث هر اُن ماڻهوءَ سان عملي ۽ علمي سطح تي جنگ جوٽين جيڪي مقامي ماڻهن کي مرڻ ڪنڌيءَ تي پُهچائي پنهنجون چارئي آڱريون گيهه ۾ ٻوڙيو ويٺا آهن. پر سنڌ ۾ جيتريون به ڪاهون ۽ حملا ٿيا. لُٽ مار، قتل ۽ رتو ڇاڻ ٿي. زمينون ويون، وسيلا ويا ۽ ايتري قدر جو اسان اقليت ۾ تبديل ٿي چُڪا آهيون پر پنهنجي ضمير کي جنجهوڙيون ته اسان ماضي مان ڇا پرايو آهي؟ تاريخ مان اسان ڇا سکيو؟
اسان “انڊس سِولائيزيش” جا دعويدار سدائين اهو چوندا رهيا آهيون ته پاڻ اُن تهذيب جا وارث آهيون، جيڪا مڙني تهذيبن جو بُڻ بنياد آهي. جيڪا ڪنگ پريسٽ ۽ سمبارا جي ثقافت آهي، جيڪا تهذيب 5 هزار سال اڳ به ايڪويهين صديءَ کان وڌيڪ جديد ۽ مهذب هُئي. پاڻ غُلامي پسند رهيا آهيون. عرب، ترخان، منگول، ڊچ، يورپ، انگريز، برٽش انهن جي ڪاهن مان اسان فقط محڪوم ئي رهڻ سکيو. هر ايندڙ ڦورو ٽولي سنڌ تي حملا ڪري خزانا لٽيا ۽ بدلي ۾ غُربت، مفلسي ۽ تنگدستي سنڌ جي حصي ۾ آئي. سنڌ جي سينڌ کي محمد بن قاسم ميرو ڪيو ۽ ان کان پوءِ اهو سلسلو هلندو ئي رهيو.
1940ع جي جڏهن قراداد منظور ٿي ته حقيقي سنڌ ان وقت غُلام بڻي. آزاديءَ جي نالي تي سنڌين جي جذبن ۽ سياسي طور غُلاميءَ جو طوق ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان کان پوءِ 1967ع ۾ “روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان” جو نعرو هڻي ۽ پوءِ سوشلسٽ بنجڻ جو ڍونگ رچائي 73ع جو آئين آندو ويو. پوءِ آئي 2010ع جي ٻوڏ جنهن ۾ سنڌي عَوام کي “فقير بنجڻ” سيکاريو ويو. مها ٻوڏ ۾ جيڪي انساني جانيون ويون، فصل تباهه ٿيا، چوپايو مال متاع لُڙهي ۽ مري ويو. عَوام کي امداد جي نالي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڏئي خاموش ڪيو ويو، تعليم مڪمل تباهه ٿي چُڪي هُئي، جيڪي اسڪول اڄ تائين نه کُلي سگهيا. عَوام پنهنجون تباهڪاريون وساري ڪجهه ٽڪن تي ساڳي پارٽيءَ جي حڪومت کي قبول ڪري ورتو، جيڪا اڄ به مٿن مڙهيل آهي.
سنڌ حڪومت وَٽ عوامي ايجنڊا:
هڪ پاسي برسات جون تباهڪاريون ٻئي پاسي دريائي ٻوڏ، سنڌ حڪومت جي لوڪل گورنمينٽ مڪمل طور ناڪام بڻيل ڪنهن به ضلعي جو يوسي ڪائونسلر کان ويندي ڊي سي سمورا مصيبت ۾ غائب آهن. ڪنهن به تعلقي يا ضلعي جي عوام کي انهن تي ٽڪي برابر به يقين ناهي. مطلب صاف ظاهر آهي ته سنڌ حڪومت ٻاهر کان آيلن فنڊنگ کي ڪيئن ۽ ڪٿي استعمال پئي ڪري اها فقط سي ايم ۽ ايم اين ايز ۽ ڊي سي ايز کي خبر آهي.
هي واحد خطو آهي جتي دريائي ٻيلا وڍرائي وڏيرا شاهي جي زور تي زمينون کيڙيون ويون. دريائي وهڪرن کي بند ڪري انهن تي قبضا ڪري غيرقانوني ملڪيتون ٺاهيون ويون، جيڪي ڪنهن عام ماڻهو نه پر ضلعن جي ايم اين ايز جا ئي ڪيل ڪارناما آهن. مختلف کاتن ۾ عُهدن تي من پسند آفيسر ويهاري هٿ سان نقصان ڪرايا ٿا وڃن. زراعت، معاشيات، بزنس مينيجمينٽ، پرڏيهي پاليسي، ڊزاسٽر مينيجمينٽ، صحت جو وزير ۽ چونڊيل نمائندا نا اهل هوندا ته ان نظام مان سُڌاري جي ڪهڙي اُميد رکجي. جتي ڪنهن به کاتي به ويٺل ۾ عهديدار پنهنجي ڪم ۾ ماهر نه هجي.
پيپلز پارٽي سنڌ کي ڄور جيان چوسي ختم ڪري ڇڏيو آهي. پُرامن احتجاجن جا ڍونگ ڪري سنڌ کي فقط ڳالهين ۾ ئي راضي ڪيو ويو آهي. عملي ڪم تر جيترو به ناهي ٿي سگهيو. اسان کي هڪ ڊگهي ويڙهه جي ضرورت آهي. ڪٿي قلم سان ته ڪٿي ڪوڏر ۽ ڪهاڙي سان ۽ ضرورت پوڻ تي ڀوميءَ جي حفاظت خاطر هٿيار به کڻڻ ضروري هوندو آهي.
لوڪل گورنمينٽ:
ضلعي ۾ ٿيل تباهڪارين جو وڏو ڪارڻ ضلعي جو ايم اين ئي هوندو آهي. ڪرپشن ڄڻ هن پارٽيءَ جي رت ۾ شامل آهي. سم نالن جون بجيٽون، تپيدار ۽ مختيار ڪار کان ويندي ڊي سي، سندن ماڻهن جي هٿ وس آهن ۽ رهيل باڊي به سفارشي بنيادن تي جوڙي ٿي وڃي. ضلعي ۾ خالي ٿيندڙ جمعدار جي پوسٽ کان ويندي سرڪاري ڊاڪٽر جي جاءِ تي هر ايندڙ ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جي چونڊيل نمائندن جي صلاح مشوري سان ڀرتي ڪيو ٿو وڃي. جنهن جو وڏو مثال ڪافي عرصي کان غيرفعال بڻيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙي اداري کي به نه بخشيو ويو. بُکَ، بدحالي، بيروزگاري، غُربت ۽ خودڪشيون سنڌ حڪومت جون پيدا ڪيل هٿ ٺوڪيون سازشون آهن. اهي ڪو قدرت طرفان مُقدر جون مليل سزائون ناهن.
سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽي جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، اهي هن برسات ۾ وائکا ٿي چُڪا آهن. پارٽيءَ جو چيئرمين زرداري پوءِ سندس پُٽ ايئن ئي سندن وڇايل غُلامي جو ڄار ضلعي جي ايم اين اي کان پوءِ سندس پُٽ سياست کي خانداني ورهاست بڻائي سنڌين کي غُلام رکيو پيو وڃي.
تعليم:
تعليم ۾ سنڌ اڳ ئي لڏي لمي پئي. وري 2010ع جي ٻوڏ ۾ ملندڙ امداد جو استعمال ذاتي بُنيادن تي ڪري ۽ ٻوڏ مُتاثرن کي اسڪولن ۽ ڪاليج ۾ ويهاري تعليم واري ڍانچي کي تباهه ڪيو ويو. ساڳي حالت 2022ع ۾ پئي ٿئي. جيڪڏهن افغانين کي سهراب ڳوٺ ۾ ڪئمپ لڳائي ڏئي سگهي ٿي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي اسڪولن ۾ رهائڻ جو مقصد ڇا آهي؟ اسڪولن جو پورو مڪينزم تباهه، ڪووڊ جي ڪري ٻه سال اسڪول بند رهيا. مٿان وري ٻوڏ جي ڪري، معياري تعليم ٻڙي آهي. سوال اُهو آهي تُرڪيءَ مان آيل تنبوئن جو جهاز ڪنهن جي گودام ۾ لٿو ۽ ڪنهن جي ماڻهن کي مليو. نيب ان ڪرپشن جي جاچ ڇو نٿو ڪري؟
نيب:
ڇا پاڪستان ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ادارو نيب ايترو شفاف آهي، جيترو چيو ٿو وڃي؟ نيب به پنهنجي ساک وڃائي چُڪو آهي. نيب جي ايترو ئي شفاف هُجي ها ته هن وقت نه فقط سنڌ پر پورو پاڪستان ڪرپٽ سياستدانن کان آزاد هُجي ها. يعني پاڪستان جا قانون پاس ڪندڙ ادارا ئي ڪرپٽ هوندا ته اُتي ڪرپشن ڪا وڏي ڳالهه ناهي.