![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2021/10/Akhter-Hafeez.-NEW.jpg)
ٻوڏ جهڙي آفت عوام کي دربدر ڪيو آهي ۽ انهن لاءِ پريشانين کي جنم ڏنو آهي. هاڻوڪي ٻوڏ سبب ماڻهن جي زندگي ايتري ته متاثر ٿي آهي جو ان جي بحاليءَ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو. سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته سنڌ مان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ئي 3 کان 6 مهينا لڳي ويندا. اهڙي ريت اڃا ڏکيا ڏينهن عوام جو انتظار ڪري رهيا آهن.
ان سڄي صورتحال ۾ سوشل ميڊيا ۾ جيڪي ڪجهه ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملي رهيو آهي، اهو هڪ پاسي ته گهڻو ڏکوئيندڙ آهي ۽ ٻئي پاسي دلچسپ پڻ آهي. پيپلز پارٽيءَ جا چونڊيل نمائندا جڏهن ٻوڏ متاثر ماڻهن وٽ وڃن ٿا ته کين ست سريون ٻڌڻيون ٿيون پون ۽ ماڻهو احتجاج پڻ ڪن ٿا. ان کان سواءِ وزيرن جا بيان به اهڙا اچن ٿا، جيڪي عوام جي ڦٽن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪي ڇڏيندا آهن. پر جيئن ته سنڌ کي ٻوڙڻ وارو تاثر سامهون اچي رهيو آهي، تنهنڪري ماڻهن جي برداشت به جواب ڏئي وئي آهي.
ڪٿي ڪو وزير مشير ماڻهن ڏانهن وڃي انهن جو حال احوال وٺي ٿو ۽ جڏهن ماڻهو هن سان شڪايتون ڪن ٿا يا پنهنجن تڪليفن جي باري ۾ ٻڌائي ٿا ته سنڌ جا ڪي ماڻهو ان کي ائين بيان ٿا ڪن ڄڻ ڪو وڏو انقلاب اچي ويو آهي. ايستائين جو ڪي ته ايترا جذباتي آهن جو اهي واقعي به ان کي انقلاب يا ڪا وڏي تبديلي قرار ڏين ٿا. هنن جي نظر ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ مان مڪمل طور خاتمو ٿي چڪو آهي. ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت به ڪونه جوڙي سگهندي. جيڪڏهن حقيقتن جي پرک ڪئي وڃي ته ائين بلڪل به ڪونهي.
پيپلز پارٽي نه ته ڪا انقلابي پارٽي آهي ۽ نه ئي وري اها ڪا مزاحمتي پارٽي آهي. اها اقتدار حاصل ڪندڙ پارٽي آهي. پاڪستان جي سياست ۾ جهڙي ريت ٻيون اقتداري پارٽيون سياسي چالون هلنديون آهن، پيپلز پارٽي به اهي ساڳيون چالون هلندي آهي. جيئن ته اها ووٽ ۽ اليڪشن جي سياست کان چڱي ريت واقف آهي تنهنڪري ان لاءِ اهو ڪو مسئلو ئي ناهي ته ماڻهو وزيرن کي ڇا ٿا چون، انهن سان ڪهڙو حشر ڪن ٿا. پيپلز پارٽي انهن اليڪٽيبلز تي ڀاڙيندي آهي، جن جي کٽڻ جا امڪان هر وقت موجود هوندا آهن. اهي ماڻهو وڏيرا، سرمائيدار ۽ پير مير آهن. ان کان سواءِ پاڪستان جي سياست جي فريم ۾ اهڙي قسم جي تبديلي في الحال ان ڪري نٿي اچي سگهي جو ان لاءِ سياست جو آزاد هجڻ ضروري آهي.
مثال طور پيپلز پارٽي وفاق ۾ هجي يا صوبائي حڪومت ۾ هجي. اها آزاديءَ سان ڪهڙا اهڙا فيصلا ڪري سگهڻ جي همت ڪري سگهي، جن مان ائين لڳي ته پيپلز پارٽي پاڻ به سياسي طور آزاد آهي. عمران خان نيازيءَ جي حڪومت ۾ سنڌ جو آءِ جي اغوا ٿي ويو. هڪ پوليس آءِ جي جيڪو انتظامي طور هڪ سگهارو ماڻهو هوندو آهي، اهو جڏهن اغوا ٿي ويو ته سنڌ حڪومت ڪجهه ڪونه ڪري سگهي. ان تي ڪو احتجاج ڪونه ڪري سگهي ۽ نه ئي انهن ماڻهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪري سگهي. ان مان پيپلز پارٽيءَ جي سياسي بيوسيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها سياسي طور ڪيتري يرغمال بڻيل آهي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ماڻهن ۾ بغاوت جنم وٺي رهي آهي ۽ اها بغاوت پيپلز پارٽيءَ کي لوڙهي ويندي ته اهو وقت اڃا تائين ڪونه آيو آهي. اسين پيپلز پارٽيءَ جي متبادل جي خواهش ڪريون ٿا ۽ ان جي ڳولا به ڪريون ٿا. پر عملي طور ڪجهه ڪري ڪونه سگهيا آهيون.
ان ۾ رڳو رنڊڪ سنڌ جي ٻين سياسي پارٽين جي نا اهلي ناهي پر هن رياست وٽ سياسي آزاديءَ جو ڪو تصور ئي ڪونهي. ان کان سواءِ جنهن قوم کي امداد تي هيرايو ويو هجي اتي بغاوت جو جنم ايترو سولو ناهي هوندو. سنڌ ۾ لکين عورتن کي انڪم سپورٽ پروگرام جو پئسو گهر ويٺي ملي ٿو وڃي، جڏهن ته انهن لکين عورتن کي ڪم سان لڳائي سگهجي ٿو. انهن کي ننڍن ننڍن ڪارخانن ۾ روزگار ڏئي سگهجي ٿو ته جيئن انهن ۾ هڪ ذميواريءَ جو احساس پيدا ٿي سگهي پر اهي عورتون ان ۾ خوش آهن ته انهن کي گهر ويٺي پئسو ملي رهيو آهي. هاڻ جڏهن انهن ۾ ٻوڏ متاثر به شامل ٿي ويا آهن ته پوءِ اهي ماڻهو ان پارٽي خلاف بغاوت ڪهڙي ريت ڪندا؟
پيپلز پارٽيءَ کي ڪيترو به گهٽ وڌ ڳالهائجي ۽ ان خلاف وٺ وٺان به ڪجي پر ڇا پيپلز پارٽيءَ کي ايتري سياسي آزادي مليل آهي، جيتري هڪ صوبائي حڪومت کي مليل هئڻ گهرجي. ان ڪري جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي ۽ ان جو متبادل ايترو جلدي اڀري ايندو. انهن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت آهي. اها سياسي سودي بازي ڪندي هر اهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندي آهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ ان کان ڪرائڻ چاهيندي آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جو هڪ ميمبر نه هجي ۽ پاڻ کي سنڌ جا پاڪ پويتر چوندڙ سنڌ جا هڏ ڏوکي سياستدان هجن، اهي اهڙو ڪجهه ڪري نه سگهندا، جن جي اهي هام هڻن ٿا. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سياسي فريم ۾ رهندي اهي ڪجهه به نٿا ڪري سگهن. سنڌ ۾ يا پاڪستان ۾ ڪو اروند ڪجريوال وانگر حڪومت نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته هتي جمهوري آزادي ۽ سياسي آزاديءَ جو تصور ڪجهه ٻيو آهي. اها آزادي سياستدان وٽ ناهي پر ان آزاديءَ کي اها قوت ٿي طئي ڪري، جيڪا ملڪ جا سڀئي فيصلا ڪندي آهي. جيڪا ملڪ جي سياسي قسمت لکندي آهي، جيڪا سياستدانن کي ڪنهن ليکي ۾ نٿي آڻِي.
اسٽيبلشمينٽ عوام کي سياسي متبادل طور پي ٽي آءِ جو تحفو ڏنو. پر اهو پاڻمرادو سياسي متبادل ڪونه هو. اهو اسٽيبلشمينٽ جو پيدا ڪيل متبادل هو. عوام کي اهو باور ڪرايو ويو ته تبديلي ان متبادل وسيلي اچي سگهي ٿي. نتيجي ۾ عوام ان پويان ڪاهي پيو. پر پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو متبادل به ڪم نه اچي سگهيو. تنهنڪري سنڌ جي سياست ۾ جنهن باغي عنصر جي واويلا ڪئي پئي وڃي اهو ايترو تڪڙو ۽ ايترو جلدي نٿو اڀري سگهي. ڇاڪاڻ ته سياسي طور اسان کي ايتري تياري ئي ڪانهي. باقي هڪ ٻن واقعن کي ڏسي اهو چوڻ ته سنڌ اٿلي پئي آهي، ان فيصلو ڪري ورتو آهي ته هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڪونه ڏبو اها غلط فهمي آهي.
تبديليءَ جو سفر تڏهن شروع ٿي سگهي ٿو، جڏهن ڪنهن عام ماڻهو لاءِ چونڊ وڙهڻ ايترو مهانگو سودو نه هوندو. هو عوام کي اهو اعتبار ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ته هو انهن جي مسئلن کي ايوانن ۾ وڃي حل ڪري سگهي ٿو. پر اهي ايوان به انهن ماڻهن جي هٿ وس آهن، جيڪي غير سياسي قوتون هوندي به سڄي سياسي نظام کي مٺ ۾ ڪريو ويٺا آهن. رياست جڏهن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته عوام توڙي سياستدانن کي سياسي آزاديءَ سان جيئڻ ناهي ڏيڻو ۽ سياست کي عوام لاءِ برائيءَ جو وکر ٺاهي ڇڏڻو آهي ته پوءِ سياست ۽ جمهوريت جي شڪل اهڙي ئي هوندي جهڙي اسان کي هينئر سڄي ملڪ ۾ نظر اچي رهي آهي.
پاڪستان جهڙي رياست ۾ جتي جمهوريت تي راتاها لڳندا رهيا آهن. چونڊيل وزيراعظمن کان وڌيڪ آمر اقتدار ۾ گهڻا سال گذاريا هجن، اتي سياستدانن سان جيڪڏهن ڪو ميڙ بدتميزي ڪري ٿو ۽ ان سان شڪايتون ڪري ٿو ته ان کي بغاوت نه سمجهڻ گهرجي. بغاوت جي شڪل اها ناهي، جيڪا اسان کي ڪئمپن ۾ نظر اچي رهي آهي.