رانديون

ايشيا ڪپ تڪرار برطانيا پهچي ويو، ڇڪتاڻ، 15 ڄڻا گرفتار

ايشيا ڪپ جي ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ ميچ بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ برطانيا ۾ بھ پهچي وئي آهي، جتي ٻنهي ملڪن سان تعلق رکندڙ شهرين ۾ ڇڪتاڻ بعد پوليس 15 ماڻهو گرفتار ڪري ورتا آهن. ميڊيا مطابق پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ 28 آگسٽ تي ٿيل ميچ ۾ ڀارت جي ڪاميابي بعد برطانيا جي شهر ليسٽر ۾ تڪرار اڀري آيو آهي. جتي پاڪستاني ۽ ڀارتي شهرين هڪٻئي نسل پرستي واري نعريبازي ڪئي ۽ احتجاج ڪري مارچ ڪيو آهي، جنهن سبب معاملا خراب ٿيا آهن، پر پوليس ترت ئي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي تھ صورتحال کي ڪنٽرول ڪيون پيا، ماڻهن کي اپيل آهي تھ علائقي ۾ نھ وڃن، ڇوتھ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ميچ بعد هتي ٿيل تڪرار بعد ڌرين ۾ ڪجهه ٻيا واقعا بھ ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button