رانديون

نيشنل ٽي-20 ٽورنامنٽ ۾ سنڌ 8 وڪيٽن تان ڪي پي کي شڪست ڏئي ڇڏي

ملتان: سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم نيشنل ٽي-20 ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ ۾ ڪي پي کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ملتان ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڪي پي جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 140 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ريحان آفريدي 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، محمد سرور آفريدي 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. سنڌ طرفان سهيل خان 18 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، آصف محمود 35 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون ۽ مير حمزا 32 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

ڪي پي جي ٽيم طرفان ڏنل 141 رنسن جو ٽارگيٽ سنڌ جي ٽيم شرجيل خان جي شاندار بيٽنگ جي ڪري 15 هين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. شرجيل خان 36 بالن تي 53 رنسون ٺاهيون، صائم ايوب 36 رنسن جي اننگز کيڏي. سنڌ جي سهيل خان کي پليئر آف دي فائنل قرار ڏنو ويو. صائم ايوب کي 416 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف ٽورنامنٽ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button