دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نيمينگل جي راند جي حالتن ۾ تبديليون ڪيون آهن، جنهن تي عمل پهرين آڪٽوبر کان ٿيندو. چيف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) سارو گنگولي جي سربراهي ۾ مردن جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي، ۽ ايندڙ مهيني آسٽريليا ۾ مردن جي آئي سي سي ٽي-20 ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ نئين ضابطن تحت کيڏيو ويندو. آءِ سي سي بال کي چمڪائڻ لاءِ ان تي ٿڪ جي استعمال تي مستقل پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب بال تي وات جي پاڻي کي لڳائڻ تي عارضي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. آءِ سي سي جي ضابطن موجب ڪراس ڪرڻ باوجود جڏهن بيٽسمين ڪيچ آئوٽ ٿيندو ته نئون رانديگر اچي اسٽرائڪر جي پڄاڻي تي بيهندو. راند جي حالتن ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي ته ايندڙ بيٽسمين کي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ميچن ۾ 2 منٽن اندر اسٽرائيڪ ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو، جڏهن ته اڳ ۾ 3 منٽ هوندو هو.