ڪراچي: قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم انگلينڊ خلاف پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست جي سببن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پهرئين ٽي-20 ۾ شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابراعظم چيو ته پهرين 10 اوورن ۾ پاڪستاني ٽيم سٺي شروعات ڪئي پر بعد ۾ سٺي پارٽنرشپ نه ٿي، جنهن سبب ٽيم وڏو اسڪور نه ڪري سگهي. بابر اعظم چيو ته هو ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ مختلف بيٽنگ آرڊر ڪمبيشنز آزمائي رهيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن کيڏيل پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي ايلڪس هيلز جي شاندار بيٽنگ جي بدولت 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close