لنڊن: انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ناصر حسين تجويز ڏني آهي ته قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم يا وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان جي اوپننگ جوڙي بيٽسمين شان مسعود سان ٺاهي وڃي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب ڪيترن ئي رڪارڊ ٽوڙڻ ۽ ڊوميسٽڪ ليگ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ کاٻي هٿ جي بيٽسمين جي قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي پر ان باوجود شان کي چوٿين نمبر تي رکي بابر ۽ رضوان کي اوپننگ ڏني وئي آهي.
ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۽ ڊربي شائر دوران شان مسعود کي ٽيسٽ ڪندڙ ناصر حسين چيو ته شان مسعود فنيشر نه پر اوپننگ بيٽسمين آهي. شان مسعود کي چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، جنهن جو ڪو به منطق نه هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت صرف 5 اوور باقي هئا.