لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر طرفان غلطين کي ٻيهر ورجائڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. انگلينڊ کان پهرين ٽي-20 ۾ پاڪستان جي شڪست تي تبصرو ڪندي انضمام الحق چيو ته پرفارمنس اميدن مطابق نه هئي، بيٽسمينن پراڻيون غلطيون ورجايون، ٽاپ آرڊر بهتر پرفارم ڪيو، بابر اعظم به پنهنجي مختصر اننگز دوران فارم ۾ نظر آيو، محمد رضوان مستقل مزاجي سان رنسون ٺاهي رهيو آهي.
هن چيو ته مڊل آرڊر ۾ مسئلا اڃا به موجود آهن، ايشيا ڪپ ۾ به اهو ئي ٿيو، چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين بيٽسمين کي 150 جي اسٽرائڪ ريٽ تي رنسون ٺاهڻ گهرجن ته پوءِ ئي ٽيم قابل قدر مجموعو حاصل ڪري سگهي ٿي. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته پهرئين ميچ ۾ پاڪستان 15 کان 20 رنسون گهٽ ٺاهيون، جيڪڏهن 175 رنسون اسڪور بورڊ تي هجن ها ته انگلينڊ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ها، ورلڊ ڪپ کان اڳ انهن مسئلن تي جلد کان جلد قابو ڪرڻ جي ضرورت آهي.