ڪراچي: انگلينڊ جي فاسٽ بالر مارڪ ووڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني بالرن حارث رئوف ۽ محمد حسنين کي ڏسي بالنگ سکڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ڪيئن بالنگ ڪري رهيا آهن. پاڪستان خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ جي 63 رنسن تان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ فاسٽ بالر مارڪ ووڊ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڪراچي جيترو پرجوش عوام ڪٿي به نه ڏٺو آهي. مارڪ ووڊ، بابر اعظم ۽ حيدر علي سميت ٽن پاڪستاني بيٽسمينن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو ۽ انگلينڊ جي 221 رنسن جي اسڪور کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close