ڀارت فيصلائتي ٽي-20 دنگل ۾ آسٽريليا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز به 1-2 تان کٽي ورتي آهي، ڪيمرون گرين جي طوفاني ففٽي کي ويرات ڪوهلي ۽ سوريا ڪمار ياديو جي ففٽين لوڙهي ڇڏيو. حيدرآباد دکن جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ۽ مهمان آسٽريليا جون ٽيمون ٽي-20 سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي دنگل ۾ آمهون سامهون ٿيون. آسٽريليا جي ٽيم بئٽنگ ۾ پهرين وارو وڄائيندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر ڪيمرون گرين 21 بالن تي 52 جو ڪٽڪو ڏنو، جڏهن ته ٽم ڊيوڊ به طوفاني ففٽي مڪمل ڪري 27 بالن تي 4 ڇڪن سان 54 رنسن جي اننگز کيڏيو. جواب ۾ ڀارتي ٽيم آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حدف پورو ڪري ٽرافي تي قبضو ڄمائي ورتو. سوريا ڪمار ياديو 36 بالن تي 5 ڇڪن سان 69 ۽ ويرات ڪوهلي 48 بالن تي 63 رنسن جي اننگز ذريعي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close