رانديون

انٽرنيشنل تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ، پاڪستان 6 گولڊ ميڊل کٽي ورتا

کٽمنڊو: نيپال ۾ منعقد انٽرنيشنل تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان 6 گولڊ ميڊل کٽي ورتا. پاڪستان جي حمزه عمر سعيد ۽ مظهر عباس نيپال جي شهر پوڪرا ۾ ٽين مائونٽ ايورسٽ انٽرنيشنل اوپن تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽي ورتو، جڏهن ته هارون خان ۽ ارباز خان سلور ميڊل کٽيو. 87 ڪلوگرام ڪيروگي ايونٽ جي فائنل ۾ حمزه سعيد ڀارت جي گورو ڀات کي پهرئين رائونڊ ۾ 11-2 ۽ ٻئي رائونڊ ۾ 11-4 پوائنٽس تان هارائي گولڊ ميڊل کٽي ورتو. 80

ڪلوگرام ڪيٽيگري جي فائنل ۾ پاڪستان جي مظهر عباس پهرين رائونڊ ۾ ڀارت جي ريشب کي 9-7 تان شڪست ڏني پر ٻئي رائونڊ ۾ ريشب واپسي ڪئي ۽ 8-3 تان ڪاميابي ماڻي، فائنل رائونڊ ۾ مظهر عباس بهترين راند کيڏي. ۽ حملي واري راند ڏيکاريندي 9 پوائنٽن سان فتح حاصل ڪري ورتي. واضح رهي ته پاڪستاني رانديگرن مائونٽ ايوريسٽ چيمپيئن شپ جي ڪيروگي ايونٽ ۾ 3 گولڊ، 2 سلور ۽ 2 برانز ميڊل کٽيا، جڏهن ته پومسي ايونٽ ۾ 3 گولڊ، 1 سلور ۽ 4 برانز ميڊلز کٽيا، پاڪستان مجموعي طور تي 6 سونا، 3 چاندي ۽ 6 برونز جا ميڊل کٽي ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button