رانديون

مشهور آمريڪي عورت جبل چاڙهو “مائونٽ مناسلو” پار ڪرڻ بعد ڪري گم ٿي وئي

کٽمنڊُو: مشهور آمريڪي عورت جبل چاڙهو هيلري نيلسن نيپال ۾ دنيا جي اٺين بلند ترين چوٽي تي چڙهڻ بعد واپسي دوران هڪ وڏي کاهي ۾ ۾ ڪرڻ بعد گم ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايٿليٽ ۽ آمريڪي عورت جبل چاڙهو هيلري نيلسن پنهنجي مڙس جم موريسن سان گڏ سومر تي دنيا جي اٺين بلند ترين چوٽي “مائونٽ مناسلو” تي چڙهي هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ساڳئي ڏينهن ٻيا جبل چاڙهو به هن چوٽي تي چڙهڻ لاءِ روانا ٿيا هئا، بدقسمتي سان برفاني ڇپ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

مهم ۾ شرڪت ڪندڙن موجب نيلسن چوٽي تي پهچڻ کان 15 منٽن بعد 2,000 فوٽ (600 ميٽر) جي کاهي ۾ ڪرندي نظر آئي هئي، جنهن کي “ڪريوس” چيو ويندو آهي. رپورٽن مطابق نيلسن جو مڙس موريسن واقعي کانپوءِ محفوظ طور تي ڪيمپ ڏانهن واپس اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ريسڪيو عملدارن پاران ٻڌايو ويو آهي ته خراب موسم جي ڪري في الحال سرچ آپريشن نه ٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button