رانديون

آ سي سي رينڪنگ، محمد رضوان ٽي-ٽوئنٽي ۾ پهرين پوزيشن تي برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، ڪپتان بابر اعظم ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب پاڪستان جي محمد رضوان ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پنهنجي پهرين پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم به هڪ درجو مٿي چڙهي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.

محمد رضوان جي ريٽنگ پوائنٽس جو انگ 861 ٿي ويو آهي، سوريا ڪمار ياديو 801 پوائنٽس سان ٻئين، بابر اعظم 799 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي. ٻين بيٽسمينن ۾ ايڊن مارڪرم چوٿين، ايرون فنچ پنجين، ڊيوڊ مولن ڇهين، ڊيون ڪناوي ستين، پٿون نسانڪا اٺين نمبر تي موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button