رانديون

رضوان ۽ بالر وري انگلينڊ کان زور ٿي ويا، پاڪستان جي سيريز ۾ ٽئين ڪاميابي

پاڪستان کي گهٽ اسڪور باوجود بالر هڪ دفعو ٻيهر مئچ کٽرائي ويا، انگلينڊ ٽيم ڪراچي جيان لاهور جي ميدان ۾ به ٽي-20 دنگل کٽڻ جي ويجهو پهچي ذري تان گسي وئي ۽ بابر اعظم اليون 6 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري سيريز ۾ 2-3 جي برتري سان اڳتي نڪري وئي آهي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان پهرين بئٽنگ جي دعوت ملڻ تي 19هين اوور ۾ 146 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن ۾ وڪيٽ ڪيپر بئٽر محمد رضوان جي ففٽي کانسوا ٻيو ڪو به رانديگر ڪريز تي ڄمي نه سگهيو، ڪپتان بابر اعظم 9، شاداب خان 7، حيدر علي 4، شان مسعود 7، افتخار احمد 15، آصف علي 5، عامر جمال 10 ۽ محمد نواز کاتو کولڻ بنا پويلين واپس موٽيا. انگلينڊ طرفان مارڪ ووڊ 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته سيم ڪيوران ۽ ڊيوڊ ولي 2- 2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان جي 145 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ ٽيم 7 وڪيٽون وڃائي 139 رنسون ٺاهي سگهي، ڪپتان معين علي جي طوفاني ففٽي به کين شڪست کان بچائي نه سگهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ڇهين مئچ سڀاڻي جمعي تي کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button