
ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم آئي سي سي بال کي ٿڪ سان چمڪائڻ تي پابندي مستقل طور لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي ڪرڪيٽ جا نوان تجويز ڪيل قانون فوري طور عمل ۾ آڻي ڇڏيا، جن تي پهرين آڪٽوبر کان عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي ۽ اهي نوان قانون ايندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ بھ لاڳو ڪيا ويندا. جڏهن تھ نئين قانون تحت بيٽر جي ڪيچ آئوٽ ٿيڻ تي هاڻ نئون اسٽرائيڪر اينڊ تي اچي کيڏي سگهندو، اهڙي ريت ان ميچ پينلٽي، ٿرو ۽ ٻين حوالن سان بھ نوان قانون آئي سي سي لاڳو ڪري ورتا آهن.