
پاڪستان جي ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداد قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي حوالي سان شڪ ڏيکاريو آهي تھ ڪپتاني سندس بيٽنگ آڏو رڪاوٽ وجهي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد تجويز ڏني تھ پي سي بي کي بابراعظم کان پڇڻ گهرجي تھ ڇا ڪپتاني بيٽنگ ۾ رڪاوٽ وجهي رهي آهي.