
پاڪستان ويمن ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ويمن ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 70 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ پاڪستان 13 اوور ۾ 72 رنسون ٺاهي آساني سان هدف ماڻي ورتو. پاڪستاني بيٽرن مان منيبا علي 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن تھ سدرا امين 36 ۽ ڪپتان بسما معروف 20 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيون. اهڙي ريت بناگلاديشي بيٽرن مان 7 ڄڻيون ڊبل فگر ۾ نھ آيون، سلما 24 ۽ نگار 17 رنسون ڪيون آهن.