
پاڪستاني اداڪارا حميما ملڪ بالي ووڊ جي بولڊ منظرن ۾ شهرت ماڻيندڙ اداڪار عمران هاشمي سان گڏ ڪيل ڪم کي يادگار لمحا قرار ڏيندي چيو آهي تھ مون کي عمران هاشمي سان گڏ ڪم ڪرڻ تي شرمندگي ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ مون کي اندازو نھ هو تھ ماڻهو ڇا ٿا چاهين، پر ڪم دوران عمران هاشمي شاندار انسان نظر آيو هو. هن چيو تھ فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ ۾ نوري نت جي ڪمزوري ان جي ڀيڻ دارو آهي، جنهن سان گهڻو پيار ڪندو آهي ۽ اهو ڪردار مون کي ڪيريئر جو بهترين ڪردار لڳي رهيو آهي.