شوبز

ڪم ڪارڊيشن تي 11 لک 60 هزار ڊالر ڏنڊ لڳي ويو

آمريڪي ٽي وي ميزبان ڪم ڪارڊيشن تي ايٿيريم مڪس نالي ڪرپٽو ڪرنسي جي مشهوري ڪرڻ تان 11 لک 60 هزار ڊالر ڏنڊ لڳي ويو آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي ٽي وي ميزبان پاران ڪرپٽو ڪرنسي جي مشهوري ڪرڻ تي ڏنڊ پيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ يو ايس سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن ڪم ڪارڊيشن تي ڏنڊ لڳايو آهي. ڪميشن جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ ڪم ڪارڊيشن ڪرنسي جي مشهوري جا اڍائي لک ڊالر ورتا، جيڪي هن ظاهر نھ ڪيا آهن. هوڏانهن ڪم ڪارڊيشن معاهدي تحت ٽن سال تائين ڪرنسي جي مشهوري نھ ڪندي. ڪم ڪارڊيشن جي وڪيل جو چوڻ آهي تھ معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ بدران ڪارڊيشن حل چاهي ٿي ۽ سهڪار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button