
بالي ووڊ اداڪارا عائشا جهلڪا انڪشاف ڪيو آهي تھ سلمان خان ماني ورهائڻ خاطر فقيرن کي ڳولي وٺي ايندو هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ سلمان خان عظيم ماڻهو آهي، ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ وارو تجربو مون کي نھ رڳو وڻيو، پر اهو شاندار هو. هن چيو تھ منهنجي خيال ۾ هو بهترين اداڪار بھ آهي.