
ھن ڪارپوريٽ سماج ۾ انسان پنهنجي ٺاهيل شين مان پاڻ اڙجي ويو آهي. اهي نت نوان ڪاروباري مرڪز، کاڌي پيتي جا وڏا وڏا دڪان، ريسٽورينٽ، شاپس جتي وڃي انسان وڏا شاهه خرچا ڪري پنهنجو ۽ ڪٽنب جو ويلو ٽاري اچي ٿو. جتي هزارين روپيا ادا ڪرڻ بعد پنهنجي جان کي به خطري ۾ وجهي اچي ٿو. اهي انڪري ته ريسٽورينٽ ۽ فاسٽ فوڊ تان ملندڙ شيون اسان کي هڪ نه کٽندڙ بيمارين ۾ مبتلا به ڪري رهيون هونديون آهن. جتان شيون کائي آرامي ته ٿيون ٿا پر انساني زندگي هنن شين سان پنهنجي رڳن کي به بلاڪ ڪري رهي هوندي آهي. ميڊيڪل جي سروي موجب دل جي بيمارين، بلڊ پريشر ۽ شوگر جو مرض پاڪستان ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي. حيدرآباد ۾ هر طرف نت نوان فاسٽ فوڊ، کاڌي پيتي جا هوٽل ۽ ريسٽورينٽ کلي رهيا آهن. جيڪي هڪ وقت ۾ اسان کي بک مان ڪڍي وقتي زنده ته رکن ٿا پر اڳيان هلي اهي شيون موت جو ڪارڻ به بڻجڻ ٿيون. حيدرآباد ۾ اڳ ۾ مشهور ڪجهه هوٽل ۽ ريسٽورينٽ هئا. هاڻي لطيف آباد، بدين اسٽاپ، بوليورڊ مال روڊ، قاسم آباد، قومي شاهراهه ۽ ٻيا هنڌ مڪمل اهڙين دڪانن سان سجيا پيا آهن. جتي هر وقت سوين فيمليز ۽ ماڻهو ڏسڻ لا ملن ٿا. هتي الميو اهو به آهي ته هوٽلن سان گڏ وري گاڏين جي به ڀرمار آهي، گاڏين جي آرمده سهولت واري انجڻ ته اسان سڀني کي وڻي ٿي پر انساني انجڻ مسلسل خراب ٿي رهي هوندي آهي. هتي زندگي جو ماپو ۽ معيار به عجيب ٺاهيو ويو آهي. پنڌ هلڻ يا سائيڪلنگ کي وري ماڻهو خواري جو سبب سمجهي گاڏي نه هجڻ جي ڪامپليڪس ۾ پيا هوندا آهن. اهو ڊپريشن ۽ ڳڻتي به سندن تڪليفن ۾ اضافو ڪري ٿي. جيتوڻيڪ سڌريل ملڪن ۾ سائيڪنلگ ۽ واڪ کي وڏي اهميت مليل آهي. جنهن سان انساني صحت به سٺي رهي ٿي. آئون صحافي دوستن کي چوندو آهيان ته کڻي ڪراچي ۾ ڌار ڌار علائقن جو مفاصلو وڏو آهي جتي سائيڪل جو هلڻ ڏکيو لڳي ٿو پر حيدرآباد جا سمورا علائقا 10 کان 15 منٽ جي مفاصلي تي اچي وڃن ٿا. اسان جو هڪ دوست چوندو آهي اوهان ڀلين پورو حيدرآباد گهمو چڪر لڳايو پر حيدر چوڪ تي وري اچي نڪرندو. انڪري هتي سائيڪل هلائڻ جو رواج بهتر ثابت ٿيڻو آهي. جنهن سان موت جي رفتار به گهٽجندي ۽ دل سميت ٻين بيمارين جي خفي کان به ماڻهو آجو ٿي پوندو. جيتوڻيڪ شام ٿيندي ئي قاسم آباد جو واڌو واهه سائيڪلنگ جي نظر ٿي ويندو آهي. مون اڪثريت هاڻ سائيڪلنگ وارن جي گهڻي ڏٺي آهي.
تازو 29 سيپٽمبر دل جي بيمارين جو ڏينهن ڪري ملهايو ويو آهي. دل جي بيمارين کان بچاءِ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي دل جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو هو ته کائڻ پيئڻ جي شين ۾ پرهيز ڪرڻ ڪرڻ ئي بهتر عمل آهي. روزاني 25 منٽ واڪ ڪرڻ، شگر بلڊپريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ سان دل جي دورو ۽ دل جي ٻين بيمارين کان ماڻهو بچي سگهي ٿو. اڳ ۾ وڏي ڄمار جي ماڻهن ۾ دل جون بيماريون هونديون هيون. هاڻ نوجوان ڪيريئر شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي دل جي بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فيروز ميمڻ، ڊاڪٽر فضل رحمان، ڊاڪٽر زمان بلوچ، ڊاڪٽر فخر، اينجيوپلاسٽي جي ماهر ڊاڪٽر ڪاشف شيخ ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ جي دل جي بيماري بابت آگاهي وٺڻ ضروري آهي. جنهن سان هن بيماري کان ڇوٽڪارو وٺي سگهون ٿا. هنن چيو ته دنيا ۾ 45 سيڪڙو ماڻهو دل جي بيمارين سبب مري وڃن ٿا. دل جي بيمارين جي ڀيٽ ۾ ٻين بيمارين ۾ ايتري موت ناهي ٿيندي. جنهن جا سروي به اچي چڪا آهن. دنيا ۾ ڪينسر وگهي 5 سيڪڙو ماڻهن جو موت واقع ٿئي ٿو.
دنيا هن وقت دل جي بيمارين تي ڪنٽرول ڪري رهي آهي. اسان ويتر دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿي رهيا آهيون. هنن چيو ته اڳ ۾ ماضي ۾ نوجوانن ۾ دل جون بيماريون نه هيون. هاڻ 30 ورهين جا نوجوان دل جي بيمارين جو شڪار ٿي اسپتالن ۾ اچن داخل ٿين ٿا. نوجوان کاڌي پيتي ۾ احتياط نٿا ڪن. اڳ ۾ اها بيماري عورتن ۾ نه هئي. هاڻ 25 ورهين جي عورتن ۾ دل جي بيماري وڌي رهي آهي. اڳ ۾ 60 سالن کانپوءِ عورتن ۾ دل جي بيماري ٿيندي هئي. هنن چيو ته اسان کائڻ ۾ احتياط ڪريون ته مرڻ جي رفتار گهٽ ٿي ويندي. دنيا ۾ ساليانو هڪ ڪروڙ 85 لک ماڻهو دل جي بيوفائي سبب مري وڃن ٿا. پاڪستان ۾ 2 لک 20 هزار ماڻهو ساليانو دل جي بيمارين ۾ فوت ٿين ٿا. جڏهن ته هن بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. بلڊپريشر ۽ شگر کي ڪنٽرول ڪيو وڃي، وزن گهٽ ڪيو، سگريٽ بند ڪيا وڃي، کنڊ ۽ چڪناهٽ واريون شيون بند ڪيون وڃن ته دل بيوفائي نه ڪندي، هنن چيو فاسٽ فوڊ ۽ ريسٽوريٽ جي دڪانن جي ڀرمار سان به دل جي بيمارين ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن بيماري جو غريب ماڻهو گهٽ شڪار ٿين ٿا. اهي ڪم وڌيڪ ڪن ٿا. جيڪي هلن گهڻو ٿا. انڪري هنن ۾ دل جي بيماري گهٽ رپورٽ ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ماحوليات تبديلي به بيمارين تي اثرانداز ٿئي ٿي.
نفسياتي بيماريون به دل جي تڪليف جو وڏو سبب بڻجي رهيون آهن. اسٽريس ۽ ڊپريشن وڌي رهيو آهي هنن چيو ته واڪ پنڌ هلڻ سان سان دل کي سڪون ملندو آهي. اڄڪلهه بيماري ۾ پورو خاندان تباهه ٿي رهيو آهي. جنهن کان احتياط ئي بچائي سگهي ٿو.
هونئن به بچا ئي علاج کان بهتر آهي. ماڻهو چون ٿا ته شگر، بلڊپريشر، هائپر ٽينشن ۽ بلڊپريشر جي گوري کائينداسين ته عادت ٿي ويندي. سندن بڪيون خراب ٿي وينديون. جيڪا سوچ غلط آهي. دوا کانسواءِ بلڊ پريشر ڪنٽرول نه ٿيندو آهي.
هنن ٻڌايو ته هارٽ اٽيڪ کان بچڻ لاءِ ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ مٺاڻ کائڻ کان پرهيز ڪيو وڃي. دل جو آخري علاج انجيو پلاسٽي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته روٽي ڪپڙا مڪان مان ئي اڃا عوام نه نڪتو آهي. علاج ته پري جي ڳالهه آهي. ماڻهن وٽ علاج لاءِ پئسا ناهن. دل جو علاج به مهانگو آهي.
اسان ترقي يافته نه پر ترقي پذير قوم آهيون. ماڻهو دل جو مهانگو علاج برداشت نٿا ڪري سگهن. دل جي سرجري ۽ اينجيوگرافي کانپوءِ ماڻهو جو پهرين وانگر دل هوندو يا نه اها به گارنٽي ناهي، شگر بلڊپريشر، ڪوليسٽرول ۾ احتياط ڪيون. جيڪو ڪريون دل سان ڪريون.
هنن چيو ته اسان پاڻ سان به سچا ناهيون. صحت جو خيال نٿو رکيو وڃي. شوگر، ڪنٽرول ڪرڻي ناهي.
هن وقت پاڪستان شگر جي بيماري جي حوالي سان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. هنن چيو ته سائوٿ ايشيا ۾ ماڻهن جون نسون سنهيون آهن. انڪري احتياط ڪيون. هنن عوام کي اپيل ڪئي ته واڪ ۽ پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏني وڃي. جنهن سان هنن بيمارين جي پاڙ پٽي سگهجي ٿي. اسان وٽ ڪرائيم ۽ ٻين شعبن جا رپورٽر ساٿي ته آهن پر صحت جا رپورٽر نه هجڻ برابر آهن. انڪري صحت رپورٽر به هجڻ ضروري آهن.