ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وبائي صورت اختيار ڪري ويل ڊينگي ۽ ڊائريا

Editorial

هن ملڪ ۾ عوام کي عذابن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. قدرتي آفتون هجن، مهانگائي هجي يا بيماريون اهي صرف صرف عوام جي زندگي کي ئي متاثر ڪري رهيون آهن. هن وقت ملڪ جي عوام خاص ڪري سنڌ جي عوام کي ڊينگي ۽ ڊائريا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
رپورٽون آهن ته سيپٽمبر ۾ سنڌ ۾ ٻارن جي صحت واري پاڻي ۾ ڊائريا جا 2 لک 15 هزارن کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، جيڪي هلندڙ سال ڪنهن مهيني تائين جو تمام وڏو انگ آهي. صحت جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ سال صوبي ۾ ڪُل 8 لک 91 هزار 915 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا، انهن ڪيسز مان صرف سيپٽمبر ۾ مجموعي طور تي 2 لک 15 هزار 707 ڪيس ٿيا، جن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ هڪ لک 3 هزار 139 ۽ پنجن سالن کان وڌيڪ عمر جي ٻارن ۾ 16 هزار 568 مريض شامل آهن. صحت کاتي موجب هلندڙ ڊائريا ڪيسز جو هڪ وڏو انگ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رپورٽ ٿي رهيو آهي، جتي ماڻهو بک ۽ بيمارين جي نشاني تي آهن. جولاءِ کان هيل تائين ملڪ ۾ بي گهر ٿيڻ وارن ماڻهن ۾ ڊائريا جا مجموعي 6 لک 8 هزار 288 ڪيس سامهون آيا آهن.
ٻئي طرف ملڪ ۾ ڊينگي جي تيزي سان ڦهلجڻ سبب ماڻهو خوف ۾ وٺجي ويا آهن، ڪراچي جي 31 اسپتالن جا ڪرونا وارڊز ڊينگي آئسوليشن وارڊز ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 335 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. سنڌ جي صحت کاتي مطابق 335 مان 257 ڪيس ڪراچي مان آهن، هلندڙ مهيني پهرين سيپٽمبر کان وٺي هن وقت تائين ڪراچي ۾ 4 هزار 318 ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل مهيني آگسٽ ۾ سڄي ڪراچي ۾ 1265 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين هلندڙ سال سڄي سنڌ ۾ 7 هزار 532 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ڪراچي ۾ ڊينگي وگهي 32 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي. پشاور سميت خيبرپختونخوا ۾ به ڊينگي جا حملا جاري آهن. پشاور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڊينگي بخار هڪ ڄڻي کان حياتي کسي ورتي، جنهن سان فوتين جو انگ 7 ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 259 ڪيس سامهون آيا. پشاور مان 175، هريپور مان 34، خيبرمان 21 ڪيس رپورٽ ٿيا. صوبي ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ هڪ هزار 615 ٿي ويو. جڏهن ته ڪل ڪيسن جو انگ 6 هزار 412 ٿي ويو آهي پشاور ۾ هن وقت ڊينگي جا 125 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. صوبي ۾ مردان، پشاور ۽ خيبر ڊينگي وائرس جي پکيڙ ۾ آهن. هن وقت تائين مردان ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 918، پشاور ۾ هڪ هزار 695، خيبر ۾ 687 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح بلوچستان به ڊينگي جي لپيٽ ۾ آهي بلوچستان جا 3 ضلعا گوادر، ڪيچ ۽ لسٻيلو ڊينگي سان متاثر آهن. هلندڙ هفتي دوران صوبي ۾ ڊينگي جا 127 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪيچ ۾ 72 گوادر ۾ 26 ۽ لسٻيلي ۾ 29 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن. هلندڙ سال صوبي ۾ رجسٽرڊ ڊينگي ڪيسن جو انگ 3 هزار 198 ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي ماهرن مطابق بخار يا لڱن جي تڪليف ٿيڻ تي بنا دير ڊينگي ٽيسٽ ڪرايو. ٻئي طرف پنجاب، خيبرپخوتنخوا ۽ اسلام آباد ۾ صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيڻ لڳي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ لڳا، اسلام آباد ۾ ڊينگي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 104 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، شهري علائقن ۾ 56 ڪيس، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 48 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جنهن سان ڊينگي ڪيسن جو ڪل انگ 1923 ٿي ويو. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڊينگي ڪيسن جو انگ 1150 ۽ شهري علائقن ۾ ڊينگي ڪيسن جو انگ 773 آهي. هن وقت تائين ڊينگي وگهي 6 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پمز اسپتال ۾ ڊينگي ڪيسن جو انگ 292 آهي. پولي ڪلينڪ ۾ 80، ڪئپيٽل اسپتال ۾ 40 مريض علاج هيٺ آهن. ٻئي پاسي پنجاب ۾ ڊينگي جي صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر آهي، گذريل 24 ڪلاڪن اندر صوبي مان ڊينگي جا 385 مريض رپورٽ ٿيا. پنجاب جي صحت کاتي جي سيڪريٽري مطابق لاهور مان 186، راولپنڊي مان 100 گجرانوالا مان 32 ڪيس رپورٽ ٿيا. ملتان مان 13، شيخوپوره، اوڪاڙه ۽ حافظ آباد مان 5-5 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. فيصل آباد، خانيوال مان 4، گجرات، بهاولپور، چڪوال جا 3-3 ڪيس رپورٽ ٿيا. قصور، اٽڪ، ساهيوال، سرگودا، مظفرڳڙهه، بهاولنگر، رحيم يارخان مان 2-2 ڪيس سامهون آيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته سيالڪوٽ، وهاڙي، ننڪانه صاحب، نارووال، ڊيرا غازي خان، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ميانوالي لئيه مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.
اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته ملڪ خاص ڪري ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ صحت ايمرجنسي لاڳو ڪري، وبائي صورت اختيار ڪري ويل ڊينگي ۽ ڊائريا تي ضابطو آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button