رانديون

قومي ٽيم جا رانديگر نيوزيلينڊ ۾ مختلف موسمن کي منهن ڏيڻ لڳا

ڪرائسٽ چرچ: پاڪستان جي قومي ٽيم جا رانديگر نيوزيلينڊ ۾ مختلف موسمن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪرائسٽ چرچ ۾ اڄڪلهه ٿڌ آهي، جتي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو آهي. ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪالهه کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو به جاري آهي جيڪو سلسلو اڄ به جاري رهندو. نيوزيلينڊ جي موسميات کاتي موجب ڪرائسٽ چرچ ۾ موسم ٿڌي رهندي، جڏهن ته شهر ۾ برفباري جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button