رانديون

محمد رضوان جي ٽي-20 رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن خطري ۾ پئجي وئي

دبئي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان جي آءِ سي سي ٽي-20 رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن خطري ۾ پئجي وئي آهي. آءِ سي سي جي نئين جاري ڪيل رينڪنگ موجب وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان انگلينڊ خلاف سيريز جي آخري ميچ ۾ هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو هو، جنهن سبب سندس 7 پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ هو 854 پوائنٽ سان رينڪنگ ۾ پهرئين نمبر تي آهي.

ٻئي طرف ڀارتي رانديگر سوريا ڪمار ياديو ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم گرائونڊ تي کيڏيل ٻن ميچن ۾ اڌ سينچري اسڪور ڪري پنهنجي ريٽنگ پوائنٽس ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.آءِ سي سي رينڪنگ ۾ هو ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته سندس رينڪنگ پوائنٽس جو انگ 838 ٿي ويو آهي. آءِ سي سي رينڪنگ ۾ بابر اعظم 800 پوائنٽس سان ٽئين، ايڊن مارڪرم چوٿين، ڊيوڊ ملان پنجين، ايرون فنچ ڇهين، ڊيون ڪانوي ستين ۽ پاٿون نسانڪا اٺين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button