
ويمن ايشيا ڪپ جي مقابلن دوران بنگلاديش ويمن ٽيم جي بالر فريحا ترشنا ٽي 20 جي ڊيبو ميچ ۾ وڪيٽن جي هيٽرڪ ڪري ورتي آهي ۽ ان سان گڏ هن اهڙي هيٽرڪ ڪندڙ ٻي بنگلاديش بالر جو اعزاز ماڻيو آهي. فريحا ترشنا ملائشيا خلاف ميچ ۾ فريحا ترشنا 4 اوورن ۾ 3 وڪيٽون وٺي رڳو 12 رنسون ڏنيون آهن.