رانديون

ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان مثالي خوبصورتي سان ڀارت کي هارايو: رميز

پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ بابراعظم جڏهن ٽيم تي تنقيد بابت ٻڌائيندو آهي تھ کيس چوندو آهيان، خوشقمست آهين جو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي جيئن سمجهيو وڃي ٿو، ٻئي هنڌ ائين ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان مثالي خوبصورتي سان ڀارت کي هارايو، اڳ ائين ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چيو تھ هن ايونٽ ۾ هڪ ارب ڊالر جي انڊسٽري پاڪستاني رپئي هٿان شڪست کائي وئي هئي، ڇوتھ ڀارت وٽ وڏا وسيلا آهن. هن چيو تھ ويرات ڪوهلي افغانستان خلاف سينچري ٺاهي تھ ميڊيا ايشيا ڪپ ۾ پرفارمنس وساري، پر بابر جي سينچري ۾ اسٽرائيڪ ريٽ تي تنقيد ٿئي ٿي. هن چيو تھ پاڪستاني ٽيم جي سپورٽ لازمي آهي، نالي وٺي تنقيد ڪرڻ ذاتي حملو هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button