رانديون

ٽھ ملڪي سيريز ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ بناگلاديش ۾ مقابلو ٿيندو

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽرن نيوزيلينڊ ۾ ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي، جنهن جو ٽھ ملڪي سيريز ۾ سڀاڻي بنگلاديش سان مقابلو ٿيندو. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ۾ ٽھ ملڪي سيريز کيڏڻ خاطر پهتل قومي ٽيم ٿڌي موسم سبب انڊور بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪئي آهي. جڏهن تھ سخت پريڪٽس سبب رانديگرن جا پگهر وهي نڪتا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪرائيسٽ چرچ ۾ نيوزيلينڊ سان ڇنڇر تي مقابلو ٿيندو. جڏهن تھ پاڪستاني ڪپتان بابراعظم ٽھ ملڪي سيريز کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ فائديمند قرار ڏنو آهي. وڊيو بيان ۾ بابراعظم جو چوڻ هو تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڪا ٽيم آسان ناهي هوندي، ٽھ ملڪي سيريز ورلڊ ڪپ ۾ فائدو ڏيندي بابراعظم چيو تھ، نيوزيلينڊ وٽ ٽرينٽ بولٽ، ڪين وليمسن ۽ ٽم سائودي جهڙا تجربيڪار رانديگر موجود آهن، تنهنڪري مقابلو سخت ثابت ٿيندو. هن چيو تھ هوم ڪنڊيشنز جو نيوزيلينڊ کي فائدو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button