ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بيمارين جو شڪار ٻوڏ متاثر

Editorial

سنڌ ۾ آيل هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان سان ٻوڏ متاثرن جي اهنجن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. گذريل مهيني کان ڪيمپن ۾ ويٺل ٻوڏ متاثر جتي کاڌ خوراڪ لاءِ پريشان لڳا پيا آهن، اتي اهي بيمارين جو شڪار پڻ ٿي رهيا آهن. اوچتي آيل آفت کان پوءِ وڏي انگ ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي مسئلن کي تڪڙُو حل نٿو ڪري سگهجي پر تنهن هوندي به جتي انهن کي رهايو ويو آهي، اتي مناسب انتظام ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هن وقت ٻوڏ متاثر پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڊينگي، مليريا ۽ اکين جا انفيڪشن عام جام ٿي ويا آهن. اهي ڪيس هاڻي ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪيمپن ۾ صفائي سٿرائيءَ جا انتظام مناسب نه ٿيا ته پوءِ ايندڙ وقت به مريضن جو انگ وڌي سگهي ٿو ۽ ان کي منهن ڏيڻ انتظاميه لاءِ سولو نه هوندو. حيدرآباد ۾ جتي جتي به رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن، اتي ٻوڏ متاثرن لاءِ بيماريون وڌي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته صفائي سٿرائيءَ جا مناسب انتظام نه هئڻ ڪري ٻار به بيمار ٿي رهيا آهن. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

حيدرآباد ۾ رليف ڪيمپن ۾ صفائي جا انتظام اڻپورا آهن، 24 ڪلاڪن دوران 632 ماڻهو مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. خبر موجب حيدرآباد ۾ ٻوڏ متاثر علائقن کان آيل ماڻهن ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿي ويون آهن. جتي گندگي سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي. صفائي جا انتظام پڻ اڻپورا آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي پڻ موجود ناهي. صحت کاتي موجب ته 24 ڪلاڪن دوران 6 ميڊيڪل ڪيمپ لڳايا ويا آهن. جتي 701 ٻوڏ متاثر ماڻهن جو علاج ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ 62 ڄڻن کي مختلف مرض نڪتا. 127 ڄڻن کي ڊائريا، مليريا جا 94 ڪيس سامهون آيا، جنهن جي اڃا تصديق نه ٿي آهي، 2 سئو 73 ڄڻن کي ساهه جي تڪليف، 9 ڄڻن کي ڏاٺ جي سور جي تڪليف، 7 کي اکين جو انفيڪشن، 19 ڄڻڻ کي بلڊپريشر، 13 ڄڻن کي شگر، 21 ڄڻن کي ذهني بيماريون، 187 ڄڻن کي چمڙي جي بيماري ظاهر ٿي، جڏهن ته 306 ماڻهن ۾ مختلف بيماريون ظاهر ٿيون آهن، ڪيمپن ۾ 2 کان 5 سالن جي ٻارن کي ارڙي سميت مختلف بيمارين جا ٽڪا پڻ لڳايا ويا. ٻئي طرف ٻوڏ وارن علائقن ۾ وڌندڙ بيمارين جي روڪٿام لا ڊي جي صحت ڊاڪٽر جمن باهوٽو جي سربراهيءَ ۾ صحت کاتي جي آفيس ۾ اعلى سطحي اجلاس پڻ ڪوٺًايو ويو. جتي صحت تي ڪم ڪندڙ عالمي ادارن يونيسيف ۽ ٻين ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. جتي صحت جي مسئلن کي سامهون آڻيندي زور ڏنو ويو ته ماڻهن کي صحت جون سهولتون ڏئي بيمارين کان بچايو وڃي.
هيءَ ته رڳو حيدرآباد ۾ قائم ڪيمپن جي صورتحال آهي پر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ صورتحال گهڻي مختلف ڪانه هوندي، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪجهڙا انتظام ڪيا ويا آهن. جنهن ڪري نه رڳو ٻوڏ متاثرن ۾ بيماريون پکڙي رهيون آهن پر انهن جو مناسب علاج به ڪونه پيو ٿئي. اهڙي ريت اهو سلسلو جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن وڌيڪ جاري ٿو رهي ته اهي بيماريون به منهن ڪڍنديون جيڪي هن وقت تائين ڪيمپن ۾ ڪونه پهچي سگهيون آهن. ڪيمپن جي چوڌاري به گند ڪچرو ۽ برساتن جو پاڻي موجود آهي. ان ڪري پهرين فرصت ۾ اتي مڇر مار اسپري ڪرائڻ ضروري آهي. سنڌ ۾ ڊينگي هاڻوڪن ڏينهن ۾ عام جام آهي، ان ڪري ٻوڏ متاثرن توڙي عوام کي ڊينگي کان بچائڻ ضروري آهي. پر لڳي ائين رهيو آهي ته صحت کاتو ۽ انتظاميه ان پاسي ڌيان ڪونه ڏئي رهيا آهن. جنهن ڪري بيمارن جي انگن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. مڇر مار اسپري ته عام ڏينهن ۾ به ڪونه ٿيندو آهي ۽ هاڻوڪي صورتحال ۾ جڏهن اهو بنهه گهڻو ضروري آهي ته انتظاميه ان کان لنوائي رهي آهي. آفت اچڻ کان پوءِ جيڪي به هنگامي حالتون پيدا ٿينديون آهن، انهن جو هر حوالي سان جائزو وٺڻ لازمي هوندو آهي ته جيئن آفت کان پوءِ جيڪي مسئلا پيدا ٿيڻا آهن، انهن کان ماڻهن کي بچائي سگهجي، انهن جي صحت جو خيال رکيو وڃي. اسان وٽ عام ماڻهوءَ جي صحت حڪومتي ادارن جي ترجيح تي ڪونه هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بيمار ٿين ٿا، انهن کي علاج جي سهولت به ڪانه ملندي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثرن جون تڪليفون اڃا ختم ڪونه ٿيون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جتي جتي به بيماريون پکڙي رهيون آهن، انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صحت کاتو هر حوالي ڪوششُون وٺي متاثرن کي تحفظ فراهم ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button