ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي

Editorial-Article- Muhammad Nawaz

سنڌ ڌرتي اهڙن عظيم ڪردارن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي ڌرتي ماتا سان بي انتها محبت جو ثبوت ڏنو آهي. جن لاءِ ڌرتي ۽ ان جا ماڻهو ئي سڀ ڪجهه هوندا آهن، جيڪي ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا آهن، جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪندا آهي. اهي تاريخ جا هيرا هوندا آهن. اڄ به ڌرتيءَ جي هڪ بيباڪ، سچي ۽ کري انسان جو جنم ڏينهن آهي، جنهن جي جدوجهد ۽ ڪم پيرين پنڌ هلندڙ هارين مزدورن لاءِ هئا. جنهن جي محبت جو مرڪز انسانيت هئي. هو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي پيار مان سنڌي قوم باباءِ سنڌ جي لقب سان سڏيندي آهي.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 7 آڪٽوبر 1901ع ۾ لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ فقير الهداد جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ جتوئي ننڍي هوندي کان ئي ٻين کان الڳ سوچيندو هو. شروعاتي پڙهائي ڀر واري ڳوٺ پٺاڻ جي اسڪول مان ورتي. هن پڙهائي دوران ئي پنهنجون صلاحيتون مڃائڻ شروع ڪيون. ڪامريڊ ميٽرڪ جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن سان پاس ڪيو. هو ذهين شاگرد هو. ڪامريڊ جتوئي بي اي آنرز امتحاني پوزيشن سان پاس ڪيو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي شخصيت گهڻ رخي هئي. هو پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. هن جو عشق پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن، هارين، پورهيتن ۽ مسڪينن سان هو. ڪامريڊ جتوئي پنهنجي صلاحيتن جي ڪري ئي 1928ع ۾ ملازمت جي شروعات ڪئي. ساڳئي سال سندس جڳ مشهور ڪتاب “تحفه سنڌ” به ڇپجي چڪو هو. ڪتاب اچڻ سان مذهبي حلقن ۾ وڏي هلچل مچي وئي پر ڪامريڊ جتوئيءَ جي دليلن اڳيان ڳالهائڻ آسان نه هو.
ڪامريڊ جتوئي ٿوري عرصي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. سندس عهدو غريب مسڪين ماڻهن لاءِ هو. ان جو خاص سبب شايد اهو به هو ته پاڻ انهيءَ غربت واري دور مان گذري آيو هو. ان ڪري ڪامريڊ جتوئي سرڪاري عهدي تي هوندي به هارين ۽ پورهيتن جو وڪيل رهيو. هر هنڌ ڪامريڊ جتوئي پورهيتن جي وڪالت ڪئي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پاڻ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هو پر هو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مڊل ڪلاس خاندان ۾ تبديل ٿي چڪا هئا. ڪامريڊ جتوئي چاهي ها ته هو پنهنجي عيش عشرت واري زندگي گذاري ها پر هن شايد ننڍي هوندي ئي اهو عزم ڪري ڇڏيو هو ته هن بيڪار ۽ فرسوده نظام ۽ ڪوڙين رسمن رواجن کي عوامي همدرديءَ سان ختم ڪرائيندو ۽ برابري وارو نظام آندو ويندو.
ڪامريڊ جتوئي سرڪاري ملازمت تي هارين مزدورن پورهيتن لاءِ ڪم ڪندو رهيو پر جڏهن ڏٺو ته اها ملازمت سندس جدوجهد جي راهه ۾ سڌي سنئين رڪاوٽ پئي ٿئي ته هن ملازمت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳيان عهدا ڪا معنيٰ نه رکندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي اهميت هئي ته اهو هو غريب ۽ پيرين اگهاڙي مسڪين جو پگهر ۽ ان جي محبت. جنهن ڪامريڊ جتوئيءَ کي پنهنجي ملازمت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. نيٺ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي ٿڏي اچي مسڪين پورهيتن جي صفن ۾ شامل ٿيو. ڪامريڊ ساڳئي سال “جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ” جهڙو شاهڪار نظم لکي زلزلو برپا ڪري ڇڏيو، جنهن تي ڪامريڊ جتوئيءَ کي ملڪ دشمن ماڻهو قرار ڏنو ويو. پر اهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو جو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙي محب وطن ماڻهوءَ کي ملڪ دشمن چيو وڃي. آخر ڪامريڊ جتوئيءَ کي جيل جو منهن ڏسڻو پيو. رڳو جيئي سنڌ جي نعري جي ڪري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 18 مهينا جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ نيٺ پنهنجي مضبوط دليلن سان ڪيس کٽي جيئي سنڌ نعرو مڃرائي آيو ته جيئي سنڌ نعرو ڀلي لڳايو وڃي ڪا غلط ڳالهه نه آهي. اها ان دور جي ڳالهه آهي جڏهن رڳو سنڌ لکي خط موڪليو ويندو هو ته ان ماڻهوءَ کي گرفتار ڪيو ويندو پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انهيءَ دور ۾ جيئي سنڌ جو نعرو هنيو.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين جي حقن لاءِ 1950ع اڌ بٽئي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. ان تحريڪ دوران ڪامريڊ جتوئي سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ احتجاج ڪيا. هاري ڪانفرنسون ڪيون، ليڪچر ڏنا، هارين پورهيتن کي سجاڳ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ايتري ته ان لاءِ تبليغ ڪئي جو اڻپڙهيل هارياڻيون جدوجهد ۾ اڳيان اڳيان بيٺيون. ان جو هڪ وڏو مثال شهيد مائي بختاور پنهنجي جان جي قرباني ڏئي قائم ڪيو ۽ ان تحريڪ ۾ روح ڦوڪيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي رڳو اڌ بٽئي واري تحريڪ جي تبليغ نه ڪئي پر هو سنڌ تي ڪرندڙ ظلم جي ڇپ خلاف اٿي بيٺو.
ڪامريڊ جتوئيءَ جو ڪردار ان وقت به گهڻو اڳڀرو هو، جڏهن ون يونٽ جو قهري ڪوٽ سنڌ مٿان ڪيرايو ويو ته اهو باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو جنهن ترت ان کي رد ڪيو ۽ اينٽي ون يونٽ موومينٽ شروع ڪئي. ان تحريڪ جي ڪنوينر باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ان خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي. اها تاريخي ڪاميابي هئي. ڪامريڊ جتوئيءَ جو هر وقت جدوجهد ۾ گذرندو هو. ڪامريڊ جتوئي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽرين مارچ ڪري وڏيرن سان ڀريل سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بل منظور ڪرايو. ڪامريڊ جتوئيءَ جي جدوجهد نتيجا ڏيندڙ هئي. هو سنڌين کي همٿائيندي چوي ٿو:
“سنڌي پيارا همت ڪر
هار نه مڃ ڪجهه جرئت ڪر
ظالم جي هام تمام
جيئي سنڌ جيئي سنڌ”
ڪامريڊ جتوئي پهريون ماڻهو هو جنهن پمفليٽ پاليٽڪس سنڌ ۾ شروع ڪئي. ڪامريڊ جتوئي دشمن جي سازشين کي اڳ ئي سمجهي ويندو هو. اهو ئي سبب هو جو دشمن اڃا سوچيندا هئا ته ڪامريڊ جتوئيءَ جو پمفليٽ اچي ويندو هو، جيڪو ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيندو هو. ڪامريڊ اڳ ئي هر مسئلي تي قوم کي هوشيار ڪندو هو. ڪامريڊ جتوئي پنهنجي ماڻهن پنهنجي ڌرتي ۽ سنڌو درياهه سان پيار ڪندي پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن لکي ٿو.
“جيئي سنڌو جو درياهه
جيئي سنڌو پنهنجو ساهه
آب حيات جنهن جو جام
جيئي سنڌ جيئي سنڌ”
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهو بيباڪ شخص آهي، جنهن جي غلطين وارو خانو خالي آهي. هيءَ اهو شخص هو جنهن جي زندگيءَ ۾ غلطين جي گنجائش نه هئي. اڄ به ان ڳالهه جي سخت ضروت آهي ته سندس فڪر جي پرچار ڪري سنڌي قوم کي سندس فڪر سان سرشار ڪريون. سنڌ ۾ اهو واحد فڪر آهي، جيڪو سنڌ جي خوشحاليءَ جو ضامن آهي. اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته اهڙي بيباڪ، سچي کري ۽ ارڏي انسان جو فڪر ڪنڊ ڪڙڇ پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، سموري محبت، پيار ۽ خلوص مان سندس جدوجهد سچائي ۽ عظمت کي ڪروڙين سلام.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button