ويمن ايشيا ڪپ جي اهم مقابلي ۾ پاڪستان جي ٽيم ڀارت کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي تاريخ لکي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم شروعات ۾ ئي 3 وڪيٽون وڃائڻ بعد ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي، پر ڪپتان بسما معروف ۽ آل رائونڊر ندا ڊار 76 رنسن جي ڀائيواري سان اسڪور اڳتي وڌايو، جنهن بعد بسما معروف 32 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پر ندا ڊار 56 رنسن تي ناٽ رهي ڪاميابي جو بنياد رکيو،
جنهن سان پاڪستان 6 وڪيٽن تي 137 رنسون ٺاهي ورتيون. جڏهن تھ ڀارتي ٽيم 124 ٺاهي 13 رنسن تان شڪست کائي وئي. پاڪستاني بالرن نشارا سنڌو 3، ندا ڊار ۽ سعديا اقبال 2،2 وڪيٽون وٺي فتح ڏياري. جڏهن تھ ڀارت جي دپتي شرما بھ 3 شڪار ڪيا آهن. ياد رهي تھ پاڪستان ويمن 2016ع بعد ڀارت کي شڪست ڏني آهي.