پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪاميابين جو سفر جاري رکندي ٽه ملڪي سيريز ۾ ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جنهن ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي سندس هوم گرائونڊ تي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرائيسٽ چرچ ۾ نيوزيلينڊ جي بيٽرن مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهي پاڪستان کي هدف ڏنو، جنهن ۾ ڊيون ڪونوي 36، مارڪ چيپمن 32، ڪپتان ڪين وليمسن 31 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ پاڪستاني بالرن مان حارث رئوف 3، محمد نواز، 2، محمد وسيم 2 ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ وڪيٽ ورتي آهي. هوڏانهن پاڪستان نيوزيلينڊ جو هدف 10 بال پهرين 149 رنسون ٺاهي ماڻي ورتو آهي، جنهن ۾ ڪپتان بابراعظم 79 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي شاندار اننگز کيڏي آهي. جڏهن تھ شاداب خان 34، محمد رضوان 4، محمد نواز 16، حيدر علي 10 رنسون ڪيون. بيٽر شان مسعود ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو. نيوزيلينڊ جي بالرن مان بليئر ٽڪنر 2، ٽرينٽ بولٽ ۽ ٽم سائودي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close