رانديون

نيوزيلينڊ جا اهم رانديگر ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان نھ ايندا

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ وائٽ واضع ڪري ڇڏيو آهي تھ نيوزيلينڊ جا اهم رانديگر ٻئي مرحلي واري دوري ۾ پاڪستان نھ ايندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ٻئي مرحلي وارو دورو آئي پي ايل سان ٽڪرائڻ سبب مک ڪرڪيٽر دستياب نھ هوندا. هن چيو تھ بهرحال اسان پاڪستان جي پهرين مرحلي واري دوري ۾ فل اسٽرينٿ ٽيم موڪلڻ جو عزم آهي. هن چيو تھ رانديگرن تي ڇڏيل آهي تھ اهي پاڪستان اچن ٿا يا آئي پي ايل ۾ کيڏڻ چاهيندا، اسان جي پاران کين آئي پي ايل کيڏڻ جي اجازت هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button