رانديون

پاڪستان جي بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ ناڪام، ڇڪو بھ نھ لڳو، نيوزيلينڊ هٿان شڪست

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي 20 ٽھ ملڪي سيريز ۾ نيوزيلينڊ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا پاڪستان جي سيريز ۾ پهرين ناڪامي آهي. ميڊيا مطابق ٽھ ملڪي سيريز جي ٽين ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم فيلڊنگ، بالنگ ۽ بيٽنگ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڪوبھ بيٽر وڏي اننگز کيڏي نھ سگهيو آهي، ڇوتھ ڪيوي اسپنرن بيٽنگ لائين کي قابو ۾ آڻي بيوس بڻائي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو تھ پاڪستاني ٽيم ٽي 20 ۾ 8 سالن بعد ڇڪو هڻڻ بنا اننگز بھ کيڏي آهي. پاڪستاني ٽيم 7 وڪيٽن تي 130 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ افتخار احمد 27، ڪپتان بابراعظم 21، محمد رضوان 16، شان مسعود 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن تھ آصف علي 25 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 17هين اوور ۾ 131 ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ اوپنرن ۾ فن ايلن ۽ ڊيون ڪونوي 117 رنسن جي ڀائيواري ڪئي، جنهن ۾ فن ايلن 6 ڇڪن جي مدد سان 62، ڊيون ڪونوي 49 ۽ ڪپتان ڪين وليمسن 8 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا، ڪيوي بالرن مان مائيڪل براسويل، ٽم سائودي ۽ مچل سينٽنر ٻھ، ٻھ وڪيٽون ورتيون. ياد رهي تھ پاڪستان ٽي 20 ۾ آخري ڀيرو 2014ع ۾ ڪوبھ ڇڪو نھ هنيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button