رانديون

آئرلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني دوري جو شيڊيول جاري

لاهور: آئرلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ 4 کان 16 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندي. آءِ سي سي وومينز چيمپيئن شپ ۾ شامل ان سيريز ۾ قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 4 نومبر تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏندي. دوري تي ايندڙ اسڪواڊ 29 آڪٽوبر تي لاهور پهچندو، جتي هو چئن ڏينهن جي ٽريننگ کانپوءِ 4، 6 ۽ 9 نومبر تي ٽي ون ڊي ميچ کيڏندو. ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز 12، 14 ۽ 16 نومبر تي کيڏي ويندي. وومين ڪرڪيٽ پي سي بي جي سربراهه تانيا ملڪ جو چوڻ آهي ته هن سال ڪراچي ۾ سريلنڪا جي ڪاميابيءَ سان ميزباني ڪرڻ کانپوءِ هاڻي هو لاهور ۾ آئرلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي. واضح رهي ته سيريز جي سمورين ون ڊي ۽ ٽي-20 انٽرنيشنل ميچن جي شروعات صبح 10 وڳي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button