رانديون

متحده عرب امارات جي ڪرڪيٽرن کي رشوت ڏيندڙ ڀارتي ڄائي ڪرڪيٽر کي سزا

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) متحده عرب امارات جي ڪرڪيٽرن کي رشوت ڏيندڙ ڀارتي ڄائي ڪرڪيٽر کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. آءِ سي سي مختلف موقعن تي فڪسنگ جي ڪوشش ڪرڻ تي ميهر چياڪر تي 14 سالن جي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ميهر چياڪر يو اي اي ۽ زمبابوي وچ ۾ 2019 جي سيريز کي فڪس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اماراتي ڪرڪيٽرن قدير خان ۽ غلام شبير کي فڪسنگ جي آڇ ڪئي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته هڪ رانديگر کي گلوبل ٽي-20 ميچ کيڏارڻ جي لالچ ڏئي فڪسنگ لا اڪسايو ويو. ان حوالي سان آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ميهر چياڪر آءِ سي سي جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪيو، کيس اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي 7 شقن جي ڀڃڪڙي تي سزا ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button