
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي آئي پي ايل ويمن ايندڙ سال مارچ ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي جي ويمن آئي پي ايل ڪرائڻ سان عورتن جي ليگز وارو خواب ڏکڻ ايشيا ۾ ساڀيان ماڻي وٺندو. بي سي سي آئي ايونٽ جو امڪاني طور شيڊل ترتيب ڏنو آهي، جنهن تحت 5 ٽيمن تي ٻڌل ايونٽ ڪرائڻ جو رٿيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪل 22 ميچ ڪرايا ويندا. پلان موجب 20 رائونڊ ميچ ٿيندا، جن ۾ ٽاپ ڪندڙ 2 ٽيمون فائنل کيڏنديون ۽ 18 رڪني اسڪواڊ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 پرڏيهي رانديگرياڻيون شامل ڪيون وينديون.